English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
استادن جا مسئلا حل ڪرائڻ سندن اولين ترجيحن ۾ شامل آھي: آصف مصطفيٰ خشڪ
106 views
|
19th May 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين: گسٽا تعلقو گهوڙاٻاڙي جو سينيئر نائب صدر
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو تي گسٽا تعلقو گهوڙاٻاڙي جي نئين چونڊيل سينيئر نائب صدر آصف مصطفيٰ خشڪ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آھي تہ استادن جا مسئلا حل ڪرائڻ سندن اولين ترجيحن ۾ شامل آھي، جڏهن تہ ضلعي ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ انهن ۾ تدريسي عمل بحال ڪرائڻ بہ سندن اهم ايجنڊا جو حصو آھي۔ هن مطالبو ڪندي چيو تہ جون 2025ع کان ڀرتي ٿيل استادن کي تقريبن هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آھي، پر اڃا تائين مختلف بھانن ۽ هٿرادو رڪاوٽن سبب سندن پگھارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن ڪري هو موجوده مھانگائي جي دور ۾ سخت پريشانين ۽ فاڪاڪشي واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ هن وڌيڪ چيو تہ استادن جي سينيارٽي لسٽ بہ اڃا تائين تيار ناهي ڪئي وئي، جنهن سبب نون استادن ۾ بيچيني وڌي رهي آھي۔ آصف مصطفيٰ خشڪ مطالبو ڪيو تہ فوري طور سينيارٽي لسٽ جاري ڪري استادن ۾ موجود بيچيني ختم ڪئي وڃي۔ هن استادن کي اپيل ڪندي چيو تہ هو گڏجي اتحاد جو مظاهرو ڪن ۽ سندن ٻانهن ٻيلي بڻجن، تہ جيئن سندن جائز مسئلا جلد کان جلد حل ڪرائي سگهجن۔ هن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاه کي پڻ اپيل ڪئي تہ نوان استاد بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ پُرعزم آهن، جيڪڏهن سرڪاري سطح تي سنجيده قدم کنيا وڃن تہ هو مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن۔ ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ٺٽو جو صدر بلاول سمون، محمد عمر سرائي، ممتاز سميجو، ڪامريڊ زاھد جوکيو، دادا اقبال ڪنڀار، ميڪش گواريو ۽ ٻين سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس اجرڪون اوڍايون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
استادن جا مسئلا حل ڪرائڻ سندن اولين
0 تبصرے