English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪاڇو، ڪچي ۽ جابلو علائقن سميت پٺتي پيل آبادين جي ماڻهن کي جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن: رفيق احمد جمالي
77 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
دادو ۾ نئين ايمرجنسي سروسز آپريشنل بيس ۽ 1122 ايمبولينس سروس جو افتتاح
دادو(رپورٽر) صحت کاتي حڪومت سنڌ جي مرڪزي هنگامي طبي خدمتن واري اداري پاران دادو ۾ نئين ايمرجنسي سروسز آپريشنل بيس جو باضابطه افتتاح ڪيو ويو، جڏهن ته شهيد مخدوم بلاول هيلٿ يونٽ تي 1122 ايمرجنسي ايمبولينس سروس جو پڻ آغاز ڪيو ويو. تقريب دوران جديد ٽراما سينٽر جو سنگِ بنياد پڻ رکيو ويو، جيڪو ضلعي ۾ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. نئين ايمبولينس سروس سان ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، دادو، جوهي، ڪاڇو ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين کي بروقت طبي امداد ۽ مريضن جي اسپتالن تائين منتقلي جون سهولتون حاصل ٿينديون، خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي وڏو فائدو پهچندو. افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار رفيق احمد جمالي ۽ اداري جي سي اي او برگيڊيئر (ر) طارق قادر لاکير شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سردار رفيق احمد جمالي چيو ته دادو ۾ ايمرجنسي سروسز آپريشنل بيس ۽ 1122 ايمبولينس سروس جو قيام ضلعي لاءِ هڪ تاريخي سنگِ ميل آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي “صحت سڀني لاءِ” واري ويزن تحت ضلعي ۾ صحت ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪاڇو، ڪچي ۽ جبلائي علائقن سميت پري پٺتي پيل آبادين جي ماڻهن کي جديد طبي سهولتون سندن دروازن تائين فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته مقامي نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن اعلان ڪيو ته دادو جي هن مرڪزي بيس تان جلد ايئر ايمبولينس سروس پڻ شروع ڪئي ويندي، جنهن سان سخت زخمين ۽ نازڪ حالت وارن مريضن کي فوري طور وڏن طبي مرڪزن تائين منتقل ڪري سگهجي ٿو. سي اي او برگيڊيئر (ر) طارق قادر لاکير چيو ته 1122 ايمرجنسي سروس جو بنيادي مقصد حادثن، دل جي بيمارين، زچگي سان لاڳاپيل هنگامي حالتن ۽ ٻين ٽراما ڪيسن ۾ متاثر ماڻهن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ ۽ قيمتي انساني جانيون بچائڻ آهي. هن ٻڌايو ته دادو ۾ 13 ايڪڙ ايراضي تي اربين رپين جي لاڳت سان جديد ٽراما سينٽر تعمير ڪيو پيو وڃي، جتي عالمي معيار جون طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته اداري 2021ع ۾ صرف 41 ايمبولينسن سان خدمتن جو آغاز ڪيو هو، جڏهن ته اڄ سڄي سنڌ ۾ 627 جديد ايمبولينسون چوويهه ڪلاڪ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهن. مقامي معززن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين هن قدم کي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا عوام دوست منصوبا مستقبل ۾ به جاري رهندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪاڇو، ڪچي ۽ جابلو علائقن سميت پ
0 تبصرے