English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: جساف پاران مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج رزاق آباد مبينا قبضي خلاف احتجاج جو اعلان
60 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
تعليمي ادارن تان قبضا ختم ڪرائي سنڌي شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا کوليا وڃن: جساف اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) شهيد بشير خان جي مرڪزي اڳواڻ عزادار چانڊيو، ضلعي ملير جي صدر وهاب گبول ۽ ثاقب سنڌي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به خطي جي تعليمي ادارن اندر رهائش جي اجازت نه هوندي آهي، پر افسوس سان سنڌ جي تعليمي ادارن اندر مداخلت سبب شاگردن جي علمي ۽ فڪري واڌ ويجهه متاثر ٿي رهي آهي.هنن الزام هنيو ته مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج رزاق آباد ۾ ايس ايس يو پوليس اهلڪارن کي رهائش فراهم ڪري سنڌ جي شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته ڪاليج جو مقصد ٽيڪنيڪل ماهر، انجنيئر ۽ سائنسدان پيدا ڪرڻ آهي، پر اتي تعليمي سرگرمين بدران فورسز جي موجودگي سان ادارو پنهنجي بنيادي مقصد کان پري ٿي ويو آهي، جيڪو سنڌ جي مستقبل لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. جساف اڳواڻن چيو ته مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ڪلاس رومن ۾ ايس ايس يو جي عملي کي رهائش ڏني وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تي قبضي هيٺ ويٺل ايس ايس يو اهلڪارن کي فوري طور بيدخل ڪري سنڌي شاگردن لاءِ تعليمي سرگرميون بحال ڪيون وڃن. ٻي صورت ۾ جساف شهيد بشير خان پاران احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته جساف شهيد بشير خان ضلعي ملير جي سڏ تي 4 جون 2026ع تي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج رزاق آباد جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، جيڪو تحريڪ جو پهريون مرحلو هوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جساف پاران مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج رزاق آباد
0 تبصرے