English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ اسڪالرشپ ورڇ ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف مختلف برادرين جو احتجاج
145 views
|
03rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
مينارٽي افيئر ڊپارٽمينٽ تي ڀيل، ڪولهي، اوڏ ۽ ميگهواڙ برادرين سان ناانصافي جا الزام
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) مينارٽي افيئر ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل اسڪالرشپن ۾ عمرڪوٽ ضلعي کي مبينه طور نظرانداز ڪرڻ خلاف مختلف برادرين جي ماڻهن عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي جيسارام ڀيل، پونجو ڪولهي، گهنشام اوڏ ۽ گيانچند ميگهواڙ ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي مينارٽي افيئر ڊپارٽمينٽ خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته مينارٽي افيئر ڊپارٽمينٽ پاران اسڪالرشپن ۽ ٻين فلاحي منصوبن ۾ عمرڪوٽ ضلعي کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هتان جي مستحق شاگردن ۽ خاندانن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي، هنن چيو ته خاص طور ڀيل، ڪولهي، اوڏ ۽ ميگهواڙ برادرين سان امتيازي سلوڪ روا رکيو پيو وڃي ۽ هر ڀيري اسڪالرشپن سميت مختلف سهولتن جي ورڇ دوران انهن برادرين کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اسڪالرشپن جي ورڇ جو شفاف جائزو وٺي عمرڪوٽ جي مستحق شاگردن کي سندن جائز حق فراهم ڪيا وڃن، مظاهرين سنڌ جي صوبائي وزير براءِ مينارٽي افيئرز ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي عمرڪوٽ جي اقليتي برادرين سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌائي باقاعده احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
v
عمرڪوٽ ۾ اسڪالرشپ ورڇ ۾ نظرانداز
0 تبصرے