English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تي مبينا قبضي خلاف احتجاج
83 views
|
04th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تي ايس ايس يو پوليس جي مبينا قبضي خلاف جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ شھيد بشير خان قريشي پاران رزاق آباد قومي شاهراهه کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي جسقم شھيد بشير خان قريشي جو مرڪزي اڳواڻ عزدار چانڊيو، جساف ملير جو صدر وهاب گبول، نائب صدر ثاقب سنڌي ڀورل گبول، نعمان ٽڳڙ جسم اڳواڻ فيض سنڌي ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ جسقم ڪارڪنن، جساف جي شاگردن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي جيڪي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. احتجاجي ريلي مختلف رستن کان ٿيندي رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج اڳيان پهتي، جتي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ملير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي نوجوانن لاءِ واحد اهم ٽيڪنيڪل تعليمي ادارو آهي پر ايس ايس يو تعليم کاتي جي ڪجهه عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا طور ڪاليج تي قبضو ڪري ورتو آهي جنهن سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي هنن الزام هنيو ته ڪاليج جون عمارتون ۽ سهولتون، جيڪي نوجوانن جي فني تعليم لاءِ وقف ڪيون ويون هيون، سي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن، جڏهن ته هزارين شاگرد فني تعليم حاصل ڪرڻ جي حق کان محروم بڻيل آهن. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي تعليمي ادارن جي کوٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ تعليمي ادارن کي غير تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ نوجوانن جي مستقبل سان ناانصافي آهي هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين فوري طور ڪاليج خالي ڪرائي شاگردن لاءِ بحال نه ڪيو ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج کي مڪمل طور تعليم کاتي حوالي ڪري باقاعده تعليمي سرگرميون بحال ڪيون وڃن، جيئن علائقي جا نوجوان فني تعليم حاصل ڪري پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهن مظاھرين حڪومت، تعليم کاتي ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شاگردن جي تعليمي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل
0 تبصرے