English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
55 views
|
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ريلي ۾ سول سوسائٽي، شهرين، وڪيلن، صحافين، معصوم ٻارڙن ۽ سعيد ميمڻ جي مائٽن جي شرڪت
نوشهرو فيروز (ڊر) اغوا ڪيل سعيد ميمڻ جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڌرڻو، سڀاڻي ڊسٽرڪٽ بار کان مين روڊ مورو تائين ريلي نڪرندي، تفصيل موجب بلوچستان مان اغوا ٿيل سنڌ جي اديب، شاعر، دانشور ۽ ريٽائر آفيسر سعيد ميمڻ جي اغوا کي هڪ مهينو گذري ويو، سندس بازيابيءَ لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه وٺڻ تي سول سوسائٽي، شهرين، وڪيلن، صحافين، معصوم ٻارڙن ۽ سندس مِٽن مائٽن پاران پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لُهراڻي، اعظم ميمڻ، صدر پريس ڪلب يونس راڄپر، ايڊوڪيٽ محمد شبير خانزادو، جي يو آءِ جي اڪرم علي پيرزادو، سلمان امجد، انيس ميمڻ، زنير ميمڻ، علي نواز سولنگي، خادم سيال، زبير امجد ميمڻ، ثاقب ميمڻ، ڪشن راجا ۽ ٻين چيو ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود سعيد ميمڻ جو بازياب نه ٿيڻ سواليه نشاني آهي ته حڪومت ۽ رياستي ادارا ڇا انهن اغواڪارن تائين پهچي نٿا سگهن ڇا؟ اسان ته جمهوري انداز ۾ هڪ مهيني کان پراَمن احتجاج ڪري سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ گهر ڪري رهيا آهيون. هنن سعيد ميمڻ جي فورن بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو. هنن چيو ته سعيد ميمڻ جي اغوا سبب پوري سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، هينئر اها اغوا پوري سنڌ جو مسئلو ٿي ويو آهي، ۽ سندس مٽن مائٽن سان گڏ پوري سنڌ سخت پريشان آهي اها پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ 19 جون جمع ڏينهن شٽربند هڙتال ڪري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ سڀاڻي 16 جون تي ڊسٽرڪٽ بار نوشهرو فيروز کان مين روڊ مورو تائين ريلي ڪڍي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ سعيد ميمڻ جي بازيابي
0 تبصرے