سجاول (رپورٽر)سينيئر صحافي پيرل پياسي جي گرفتاري، پوليس تشدد ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف نيشنل پريس ڪلب سجاول پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٿيل احتجاج ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ جمن سنڌي، گل حسن رند، پي ٽي آءِ سجاول جي ضلعي صدر ممتاز علي شاهه بخاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حسين آزاد، شهري اتحاد سجاول جي صدر اياز ميمڻ سميت صحافين، واپارين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوليس گردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته آزاد صحافت تي حملا ۽ سچ جي آواز کي تشدد ذريعي دٻائڻ جون ڪوششون وڌيڪ برداشت نه ڪيون وينديون. هنن چيو ته صحافي پيرل پياسي تي تشدد ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاڻ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته صحافي پيرل پياسي مٿان داخل ڪيل سمورا ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن، تشدد ۽ غير انساني سلوڪ ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي برطرف ڪري انهن خلاف عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ صحافين جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻن ته جيئن هو بنا خوف ۽ دٻاءَ جي پنهنجا پيشاور فرض سرانجام ڏئي سگهن. مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صحافي پيرل پياسي کي فوري انصاف فراهم نه ڪيو ويو ۽ ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو سڄي صوبي تائين وڌايو ويندو.
0 تبصرے