English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ٽائون جا قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ سهولتن کان محروم
8 views
|
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
انتظاميه شڪايتن باوجود قديمي کوهه کي محفوظ نه بڻائي سگهي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي يوسي صالح محمد ڳوٺ ۾ واقع قديمي لال محمد نوحاڻي ڳوٺ جا رهواسي اڄ به پاڻي، نيڪال ۽ رستن جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. علائقي واسين موجب ڳوٺ جي وچ ۾ قيام پاڪستان کان اڳ وارو هڪ اونهو ۽ ناڪاره کوهه گذريل 15 سالن کان خطرناڪ حالت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ڪري امان رابعه ۽ عبدالسلام فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته عليمه نالي هڪ نينگري کي بروقت امدادي ڪارروائي ذريعي بچايو ويو هو مقامي سماجي اڳواڻن ماسٽر يونس بلوچ، محمد انيس نوحاڻي، حنيف نوحاڻي ، منصور نو حاڻي، ۽ عبدالحميد نوحاڻي ، محمد ارسلان نوحاڻي ، فيضان نوحاڻي، عمران نوحاڻي ۽ نويد نوحاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بار بار شڪايتن باوجود انتظاميا کوهه کي محفوظ بڻائڻ يا بند ڪرڻ لاءِ ڪو به مؤثر قدم نه کنيو آهي. هنن ٻڌايو ته ٽي سال اڳ ڳوٺ جي داخلي رستي جي تعمير شروع ڪئي وئي هئي، پر منصوبو اڌورو ڇڏي ڏنو ويو. ساڳئي وقت لڳ ڀڳ 12 لک رپين جي لاڳت سان وڇايل پاڻي جي پائيپ لائين به اڃا تائين فعال نه ٿي سگهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته 20 سال پراڻو نيڪال جو نظام مڪمل طور ناڪاره ٿي چڪو آهي، ڪيترن ئي مين هولن جا ڍڪ غائب آهن ۽ گندو پاڻي گهٽين توڙي گهرن ۾ بيهڻ سبب رهواسي سخت پريشان آهن.علائقي واسين ۽ سماجي اڳواڻن سنڌ حڪومت، ميئر ڪراچي، چونڊيل نمائندن ۽ گڊاپ ٽائون انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ناڪاره کوهه کي فوري طور محفوظ بڻايو وڃي، پاڻي ۽ نيڪال جا منصوبا فعال ڪيا وڃن ۽ اڌوري پيل روڊ جي تعمير مڪمل ڪري ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ تائون جا قديمي ڳوٺ
0 تبصرے