احتجاجي مظاهري ۾ صحافين، واپارين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت شهرين جي شرڪت
سجاول (رپورٽر)بلوچستان جي علائقي خضدار مان ايڪسائيز کاتي جي رٽائرڊ ڊائريڪٽر سعيد ميمڻ جي اغوا خلاف سنڌ ميمڻ اتحاد طرفان نيشنل پريس ڪلب سجاول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي سنڌ ميمڻ اتحاد جي مرڪزي اڳواڻن حافظ سعدالله ميمڻ ۽ نديم ميمڻ ڪئي، جڏهن ته صحافين، واپارين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سنڌ ميمڻ اتحاد جي قائم مقام مرڪزي جنرل سيڪريٽري حافظ سعدالله ميمڻ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ جمن سنڌي، شھمير سنڌي، گل حسن رند، پي ٽي آءِ سجاول جي ضلعي صدر ممتاز علي شاهه بخاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حسين آزاد ۽ شهري اتحاد سجاول جي صدر اياز ميمڻ سميت ٻين خطاب ڪندي سعيد ميمڻ جي اغوا تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سندس فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو. اڳواڻن چيو ته سعيد ميمڻ هڪ شريف، ايماندار ۽ قانون پسند شخصيت آهي، جنهن جي اغوا کي ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڃا تائين کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ شاهراهن تي ڀنگ لاءِ اغوا جي وڌندڙ واقعن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون گڏيل حڪمت عملي تحت سعيد ميمڻ کي فوري ۽ محفوظ نموني بازياب ڪرائين ۽ ڏوهاري عناصر خلاف بلا امتياز ڪارروائي ڪري اغوا جي وارداتن جو خاتمو آندو وڃي. مقررن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سعيد ميمڻ کي جلد بازياب نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.:
0 تبصرے