مظلوم ڪربلا امام حسين عليه سلام ۽ سندس خاندان جان نثارن سميت ڪربلا جي رڻ ۾ پياسو 10 محرم الحرام 61 ھجري تي يزيذ جي فوج ھٿان شھيد ڪيو ويو مولا حسين عليه سلام پنھنجي نانا رسول خدا صلعم جن سان ڪيل واعدو پورو ڪيو ھن لازوال قرباني سبب دين اسلام بچي ويو ڪربلا کان پوء جيڪي آل رسول صلم جن جيڪي سختي پريشانيون مصيبتون ڏٺيون ۽ جيڪو انھن صبر ڪيو اھڙي صبر جو مثال دنيا ڪٿي به نٿو ملي بيبي زينب عاليا جي خطبن يزيذ جي تخت کي ڪمزور ڪري ڇڌيو مولا حسين عليه سلام جي لازوال قرباني ۽ بيبي زينب عاليا جي خطبن برصغير ۾ ھڪ اھڙي ھلچل مچائي ڇڌي جو برصغير جو ھندو به آھلبيت جو پولڳ ٿي ويو اھڙي طرح ئي ھالاڻي به برصغير جي اھم شھر مان ھڪ رھيو آھي دريا جي ڪپ تي قائم شھر آھي ھن شھر کي پورٽ جئيان شھر ٺاھيو ويو ھو ھي شھر دريا ۽ رستين ذريعي ٻين شھرن سان ڳنديل ھيو ، ھالاڻي شھر تاريخ ۾ 2 ھجري به اچ ٿو ، شيخ ابڙو ۽ شيخ تائي جو جنم به ھالاڻي ۾ ٿيو ھالاڻي ۽ ان جي آس پاس تي سيد برادري جو وڏو اثر رھيو ، ڪلھوڙن جي دور ۾ ھالاڻي جي بچلاڻي سيد پاڙي جي ساداتن کي سرڪار ۾ خاص اھميت حاصل ھئي سندن وڏا ڪلھوڙن جي دور ۾ وڏن عھدن تي فائز ھئا، ٽالپرن ھالاڻي واري جنگ فتع ڪرڻ کانپوء مير فتع علي خان ٽالپر ۽ مير سھراب خان ٽالپر علامه سيد حسين شاھ رح وٽ پھتا ھئا، ان وقت سائين حسين شاھ مطلب منھنجا ڏاڏا سائين جن جو اتر سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مدرسو قائم ٿيل ھو ان وقت به سنڌ جا وڏا وڏا عالم سڳورا ڏاڏا سائين وٽ علمي فيض حاصل ڪندا ھئا ان وقت به ھالاڻي ۾ اھلسنت ، ديوبندي جماعت اڪثريت ۾ ھئي شعيه برادري نالي ماتر ھئي سيد بچل شاھ جو خاندان اھل تشيع سان تعلق شروع کان ئي رھيو آھي پنھنجي خاندان جي وڏي جي نالي پويان ھالاڻي شھر ۾ سيد ڪبير حسين شاھ امام بارگاھ قائم ڪئي ھئي جيڪا شھر ۾ پھرين امام بارگاھ قائم ڪئي وئي ھئي ، جتان محرم الحرام جي ڏھين واري ڏينھن شھر جا چند مولائي جن ۾ سومراه برادري ، ميمڻ ۽ ملاح برادري ۽ سمان برادري جا ماڻھو ننڊي جلوس جي شڪل ۾ سيد محلا ۽ سيد بچل شاھ محلا پھچندا ھئا ، سيد محلا ۾ ڏاڏا سائين سيد فتع علي شاھ جيڪي خيرپور رياست ۾ پھريان وزير ۽ بعد رياست جا وزير اعظم رھيا ھئا جيڪي اھلسنت جا سنڌ جا مفتي پڻ ھئا ماتمي جلوس جي آجيان پڻ ڪندا ھئا ، سندس اولاد پير سيد غلام حسين شاھ ، سيد پير شھاب الدين شاھ سان گڏجي عزادار حسين جي قافلي لاء سبيل ۽ ڇولا ان جو نياز جو بندوبست ڪندا ھئا نياز ڪرڻ کانپوء قافلو سيد بچل شاھ محلا لاء روانا ٿيندو ھو ، ڏاڏا سائين سيد فتع علي شاھ جي 1893ع ۾ ڪوٽڊيجي ٽڪر واري بنگلي تي 12 محرم مولا حسين عليه سلام جي ٽيجھي جي مجلس عزا ۾ وفات ڪئي جنھن کانپوء سندس وڏي پٽ پير سيد غلام حسين شاھ 1900ع کان 1915 جي وچ ۾ سيد غلام حسين شاھ پنھنجي زمين تي علم عباس لڳايو ھو جنھن کانپوء ھالاڻي ۾ مڪمل عزاداري جو سلسلو تيز ٿيو، ٻئي پاسي ديوبند جماعت جي مفتي سنڌ سيد غلام محمد شاھ جو خاندان به مڪمل شعيه ٿي ويا ھئا ، انگريز سرڪار کان ماتمي جلوس جي پرمينٽ ورتي وئي جيڪا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوء پرمينٽ سيد منظور حسين شاھ جي نالي منظور ٿي جيڪا اڄ ڏينھن تائين ھلي رھي آھي ماتمي روٽ پڻ ٺاھيو ويو ھو منھنجا وڏا سڀ سني قادري طريقي سان ھئا ان جي باوجود به ماتمي جلوس جي اڳواڻي ڪندا ھئا ھتان جي رواه داري جو مثال سنڌ ۾ ڪٿي به نه ملندو ھالاڻي جا ھندو به ماتم نياز ۽ سبيلون ڪندا آھن ، ھالاڻي ۾ عزاداري ۽ مجلس صرف 10محرم الحرام تي نالي ماتر ٿيندي ھئي ان رات ھالاڻي جا سادات امام بارگاھون ۾ رات جو عبادتون ڪندا ھئا سڄي رات جاڳي گذاريندا ھئا، ڪرنل سيد ميران محمد شاھ جي شادي کان پوء ھالاڻي ۾ اھل تشعيه ۾ واڌ ٿي ڪرنل سيد ميران محمد شاھ جي گھرواري جيجي نديم ماء جنھن ھالاڻي سميت علائقي ۾ شيعت جي اھڙي تبليغ ڪئي جو شھر ۾ گھر گھر ۾ عالم عباس لڳي ويا سندس لازوال قربانين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي سندس تبليغ جي ڪري شھر ۾ سندس گھر مٿان برادري پابنديون پڻ لڳايون ويون روزانو جي بنياد تي گھر گھر وڃي مجلس ماتم نوخواني ڪرائيندي ۽ نياز نگر ۾ مولائين جي ڀرپور مدد ڪندي ھئي سندس محنت سبب ھالاڻي شعيت جو مرڪز بڻيو آھي سيد گمبل شاھ جي حويلي تي ھڪ وڏو علم پاڪ لڳل ھوندو ھو جتي سيد گمبل شاھ عزاداري ۽ مجلسون پڻ ڪرائيندو ھو سيد گمبل شاھ ئي شھر ۾ شعيه مسجد تيار ڪرائي ھئي جيڪا مسجد خضر نالي سان مشھور آھي ڀرصغير جي مفتي اعظم سيد محمد عاقل شاھ جي اولاد مان منھنجو ڏاڏو سيد غلام مصطفئ شاھ پھريون شيعيو ٿيو ھو ھالاڻي جي عزاداري کي ھميشه غريب ماڻھن پنھنجي مدد تحت اڳتي وڌايو 1968 کان وٺي مولانا مرزا خان سھتو سيد ڪبير حسين شاھ امام بارگاھ ۾ ماتم مجلس عزا نياز سميت عشرن جون مجلسون ڪرايون ۽ جمع نماز ، عيد نماز پڻ شروع ڪرايون مولانا سان عثمان سومرو رميز علي سومرو ، ڌمالي خان، محبوب ميمڻ ، شفن سومرو بدر الدين ملاح ، حسين بخش ميمڻ ، خاوندو ميمڻ سميت گڏ ھوندا ھئا ، ھالاڻي جون زيارتون قديمي ۽ تاريخي آھن جن کي محرم ۾ مرحوم حسين بخش ميمڻ جا پٽ استاد حزب الله ميمڻ ثناالله ميمڻ مرحوم بدالدين ملاح جو پٽ جمشيد ملاح ، ۽ مرحوم خاوندو ميمڻ جا پٽ جنيڊ ميمڻ مسعود ميمڻ تيار ڪندا آھي سيد بابر شاھ امام بارگاھ پيل زيارت پڻ 100 کان مٿي جي آھي جنھن گذريل ٻه سال اڳ سيد الطاف حسين شاھ نئي سر تيار ڪرايو ، ٻئي سيد ڪبير حسين شاھ امام بارگاھ ۾ پيل زيارت به قديمي آھي ، ملاح واري ضري پڻ تاريخي آھي ۽ سيد نويد شاھ جي حويلي تي پيل شھزاده علي اصغر جو جھولو جيڪو وڏي قديم اھميت رکي ٿو ھالاڻي ۾ عزاداري سان گڏ جشن پڻ ٿيندا آھن ، ھالاڻي جي عزاداري ۾ 21 رمضان ، علمن واري رات وڏو ماتمي جلوس ، 10محرم الحرام ، چھلم امام حسين عليه سلام تي وڏا ماتمي جلوس نڪرندا آھن عزاداري خاطر شھر جا ٻه نوجوان پورھيت سڳا ڀائر منصور علي سولنگي پٽ بشير سولنگي ، ذوالفقار علي پٽ بشير سولنگي روھڙي واري عزاداري ۾ شھيد ٿي ويا ھئا ھالاڻي شھر جون پنج امام بارگاھون آھن ، شھر جي قديمي پھرين امام بارگاھ سيد ڪبير حسين شاھ امام بارگاھ جيڪا ڪلھوڙا دور ۾ قائم ٿي سادات امام بارگاھ ھن سيد بابر شاھ امام بارگاھ آھي ، پير چتل شاھ بخاري ، ملاحن واري امام بارگاھ ، ڌٻر سولنگين واري امام بارگاھ ، ھنن امام بارگاھن ۾ عزادري سميت مجلسون پڻ ٿينديون آھن ۽ درگاھ پير لڪياري تي وڏي علم ۽ قريشي برادري پاران در بتول واري عملم کي سينگارايو ويندو ، شھر ۾ محرم الحرام دوران 8 محرم الحرام جي رات سيد بابر شاھ امام بارگاھ کان سيد نويد شاھ جي سرڪرستي ۾ ماتمي جلوس نڪري پير چتل شاھ بخاري ، سيد ڪبير حسين امام بارگاھ کان ٿيندو سيد نويد شاھ جي حويلي تائين ماتمي جلوس اختتام پزير ٿيندو آھي جنھن ۾ مومن تلوارن ، زنجيرن ۽ چاڪن سان عزادري ڪندا آھن زخمي مومنن جي ملم پٽي لاء سرڪاري اسپتال مان ڊاڪٽر ۽ ايمبولنس پڻ جلوس ۾ گڏ ھوندي ۽ 10 محرم الحرام جي ڏينھن ڳوٺ ڪمال و ڀھرام سولنگي مان زوار محمد مريد سولنگي جي سرپرستي ۾ وڏو ماتمي جلوس ڌٻر پھچي عزاداري ڪري وري تاريخي روٽن کان ٿيندو سيد بابر شاھ مرڪزي امام بارگاھ پچھندو آھي ۽ سيد ڪبير حسين شاھ ، پار چتل شاھ ملاحن واري امام بارگاھن جا قافلا سيد بابر شاھ امام بارگاھ پھچن ٿا جتي عزاداري کان پوء زخمي عزادارن جي ملم پٽي ڪئي ويندي ۽ ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ جي طرفان مجلس عزا پڻ ڪرائي ويندي آھي مجلس کان پوء ماتمي جلوس پنھنجي روائتي روٽ کان ٿيندو بشير پڍر ۾ صدام ملاح طرفان مجلس عزا ٿيندي آھي ڪجھ اڳتي ھلي ملاحن واري امام بارگاھ ۾ مومنن لاء نياز حسين ڪرايو ويندو آھي وري ڪجھ فاصلي تي ملاح برادري طرفان جلوس لاء نياز جو بندوبست ڪيو ويندو آھي نياز کان پوء ڪرنل سيد ميران محمد شاھ جي حويلي ، سيد نويد شاھ جي حويلي تي تاريخي عزاداري ٿيندي آھي تلوار ، چاڪو ، زنجيرن گرزن سان ۽ سينازني ڪئي ويندي ماتم کان پوء مجلس عزا پڻ ڪرائي ويندي آھي وري جلوس سيد محلا پھچندو آھي جتي پھريان سيد بابر شاھ جي بنگلي تي نياز حسين ۽ مجلس عزا ڪرائي ويندي ، جلوس پنھنجي منزل طرف روان دوان ھوندو آھي سيد محلا ۾ زيارتن رکي ساداتن کي ريازتون ڪرايون ويندو اڳتي ھلي سيد افضل حسين شاھ جي حويلي وٽ نياز ڪرايو ويندو ، جتي محلي جا سڀ سادات پنھنجو نياز کڻي مومنن کي کارائيندا آھن وري جلوس سيد محلا کان ٿيندو سيد بابر شاھ امام بارگاھ پھچي اختتام پزير ٿيندو آھي جٿي موڪلاڻي ٿيندي آھي ڳوٺ ڪمال و بھرام سولنگي ۽ ڌٻر جا ماتمي پڙ پنھنجي منزل طرف واپس ٿيندا آھن ، پير چتل شاھ سيد ڪبير حسين شاھ ۽ ملاحن وارو پڙ سيد گمبل شاھ جي حويلي وٽ ساداتن کي زيارتن جي زيارت ڪرائي ويندي آھي ، جتان ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ ، سيد نويد شاھ جي سرپرستي ۾ پير چتل شاھ درگاھ واري جلوس کي آخري منزل وٽ پھچندا آھن اتان ئي سيد ڪبير شاھ ۽ ملاحن واري پڙ کي سيد نويد شاھ منزل تائين پھچائيندو آھي ، رات نائين بجي سيد ڪبير حسين شاھ امام بار گاھ ۾ شام غريبان پڻ ٿيندي آھي
0 تبصرے