English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سفر نامو
97 views
|
26th Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عبدالجبار چانگ ، ھڱورجا
ڪجھ ڏينھن کان ڪافي بيزار پي محسوس ٿئي ۽ روز جي روٽين کان ڄڻ بيزار ٿي پيو ھجان روز ساڳئي روٽين ڄڻ بيزاري پئي محسوس ٿئي ھر روز ڳوٺ کان ھنڱورجا شھر ۽ شھر کان ڳوٺ گذريل ڏينھن اچانڪ سوشل ميڊيا تي نظر پئي تہ اسان جي پراڻي يعني 2014 ڪراچي جي دوست وشن داس جي بيماري جي پوسٽ پڙھي سو بہ ان جي پنھنجي فيسبوڪ وال تي تصويرون رکيل ھيون جنھن ۾ ان جا دوست ۽ مٽ مائٽ ان کي گلدستا ڏيندي نظر پئي آيا ان وقت ئي فون ڪڍي سندس کان طبيعت معلوم ڪئي ۽ پوءِ صبح ٿي تہ خيال آيو تہ يار وٽ وڃجي ۽ ھڪ ٻه ٻيا بہ ڪم ھئا حيدرآباد ۾ روٽين مطابق تيار ٿي ھنڱورجا کان پنھنجي منزل طرف روانا ٿياسين ۽ شام جو 3:45 تي حيدرآباد جي مشھور اسٽاف واڌو واھ تي اچي لٿاسين لھڻ سان ئي اسان کي حيدرآباد جون ٿڌيون ھوائون وڪوڙي ويون لھڻ سان ئي اتان جي ھوا نہ ھئي ڄڻ ڪا ٿڌڙي ھير ھئي ۽ پوءِ يار سان رابطو ڪري ان جي رھائش گاھ تي پھتاسين اسان کان اڳي ئي ڪافي دوست ويٺا ھئا ۽ پھچڻ سان ئي گلاب جي گلن جو گلدستو پيش ڪيوسين ۽ تصوير بہ ڪڍي سين ۽ سوشل ميڊيا کان بغير ڪئين رھي ٿا سگھون ڪافي ٽائيم ويٺاسين ڪراچيءَ جون يادون تازيون ڪيوسين ھن يار سان ڪراچي ۾ 2014 تي ھن سان پھرئين ملاقات ٿي ھئي تمام بھترين ۽ سادڙي طبيعت جو مالڪ آهي ھي يارن جو يار آهي ھي واڻيو نہ ڄڻ ٻروچ لڳندو آهي ھن جي دليري جي داد ڏجي ٿي جڏھن اسان تي 2014 تي ڏکيو وقت آيو تہ ھي يار اسان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل رھيو ۽ حقيقت ۾ جيڪو اوھان سان ڏکي وقت ۾ گڏ بيٺل رھي اھو دوست ڪڏھن بہ نٿو وسري سگھي اصل ۾ ھي اسان جي وڏي ڀاءُ ھاڌي بخش چانگ جو دوست ھو پر ھاڻي ھي يار تقريبن اسان سڀني ڀائرن جو دوست آھي ۽ ان وقت آءٌ ڪراچي ۾ اڪيلو رھندو ھئس ڀائو وڏو ان ٽائيم اسلام آباد ۾ رھندو ھو ۽ ان وقت تمام بھترين ٽائيم ھن يار سان گذريو پراڻيون يادون تازا ڪيوسين ۽ گذريل وقت ياد ڪيوسين ۽ ان جي طبعيت ھاڻي ڪافي بھتر آھي ۽ ڪافي ٽائيم گذري ويو پوءِ شام جا 6 ٽائيم ٿيو اسين پنھنجي ڳوٺ واپس اچڻ لاءِ اٿياسين تہ ھو يار اسان کي پاڻ ٻاھر تائين ڇڏڻ آيو پر يار تمام بھترين آھي اڄ بہ اھي ڏينھڙا ياد ايندا آهن جيڪي سندن سان گڏ گذاريا هئاسين سچا دوست تمام گھٽ ملندا آهن چوندا آھن جنھن وٽ سچا دوست آھن اھو سڀ کان وڏو امير آھي برحال ڪافي ڪچھري ٿي ۽ پوءِ اسين وري واپس ٿياسين پنھنجي ڳوٺ طرف ماضي جون يادون ھميشھ ياد اينديون رھنديون آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عبدالجبار چانگ ھنڱورجا
0 تبصرے