English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سنڌي ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپري جون چونڊون
158 views
|
27th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سالياني چونڊ جي صدارت ضلعي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير ڪئي
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ پپري ملير جي سال 2026ع جي سالياني چونڊ گڏجاڻي سنڌي ڳوٺ پپري ۾ منعقد ٿي، جنهن جي صدارت ضلعي رابطا سيڪريٽري سائين راشد لکمير ڪئي. تقريب 26 اپريل آچر شام پنجين وڳي سنڌ برياني ريسٽورنٽ ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي جي ڪارروائي شاخ جي اڳوڻي سيڪريٽري اصغر عادل قريشي هلائي، تقريب جي شروعات لطيف سائين جي وائي سان ڪئي وئي، جيڪا اسد ڪنگي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ پيش ڪئي، جڏهن ته آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پڻ اوڍايا ويا. تقريب دوران ساٿين پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ مقامي شاعرن پنهنجي تخليقن ذريعي محفل کي ادبي رنگ ڏنو. سائين عنايت قريشي ڪافي پيش ڪئي، جڏهن ته اصغر عادل قريشي، عاجز علي اڪبر ڀٽي، نصرالله ناز، صوفي نثار گل چنه، پرديسي پنهل مگسي، صداحسين عباسي ۽ نواز سيلرو پنهنجا غزل پڙهي ٻڌايا. منير احمد شيخ زاهد شيخ جي وائي ڳائي، جڏهن ته مهمان شاعر شبير لاکي نظم پيش ڪيو. آخر ۾ سائين راشد لکمير پڻ پنهنجو غزل پيش ڪري داد حاصل ڪيو. بعد ۾ چونڊ عمل دوران اميدوارن جا فارم پيش ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ سان بنا مقابلي نئين باڊي چونڊي وئي، جنهن جو اعلان ضلعي رابطا سيڪريٽري طرفان ڪيو ويو. نئين باڊي ۾ رجب ڀنڊ کي سيڪريٽري، نصرالله ناز ابڙو کي ڪائونسلر، منير احمد شيخ کي جوائنٽ سيڪريٽري، عاجز علي اڪبر ڀٽي کي آڊيٽر ۽ عبداستار پنهور کي خزانچي چونڊيو ويو، جڏهن ته ڪاروباري ڪاميٽي ۾ غلام محمد قريشي، اياز سومرو، عنايت قريشي، محرم علي ڀٽي ۽ اسدالله ڪنگو شامل آهن. تقريب ۾ اڳوڻي سيڪريٽري اصغر عادل قريشي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد پيش ڪندي اجرڪن جا تحفا سائين راشد لکمير جي هٿان اوڍايا. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سائين راشد لکمير چيو ته پپري شاخ کي فعال بڻائڻ ۾ اصغر عادل قريشي جي ڪوششن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي نئين باڊي تي ذميواري آهي ته هو محنت ۽ تسلسل سان شاخ کي وڌيڪ مضبوط بڻائين. پروگرام جي پڄاڻي تي اڳوڻي باڊي طرفان نئين باڊي حوالي ڪاروائي جو رجسٽر ۽ سمورو رڪارڊ پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته تقريب خوشگوار ماحول ۾ اختتام پذير ٿي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپري
0 تبصرے