English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺارو شاهه واسڻ ناري جو امڙ سان گڏ احتجاجي مظاهرو
189 views
|
28th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر مون کي ۽ امڙ کي اغوا ڪري ويا هئا، شاهه رخ سولنگي زنا ڪئي ۽ شادي لاءِ دٻاءُ وجهندو رهيو: عشا سولنگي
نوشهرو فيروز(ڊ ر)ٺاروشاه جي رهواسڻ ناري عشا سولنگي پنهنجي والده گل بانو سولنگي سان گڏ نوشهرو فيروز پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ ماجد سولنگي سان گڏ موٽر سائيڪل تي شهر وڃي رهي هئي ته اسپتال ڀرسان سندن موٽر سائيڪل جو تيل ختم ٿي ويو، جنهن بعد سندس ڀاءُ تيل وٺڻ لاءِ ويو. انهي دوران ڳوٺ وهري جا رهواسي شاهرخ سولنگي، طارق سولنگي، فياض سولنگي، لياقت سولنگي ۽ امتياز سولنگي ڪار ۽ موٽر سائيڪلن تي اچي کين زبردستي ڪار ۾ ويهاري اغوا ڪري ويا. جوابدار کين مختلف هنڌن تي وٺي ويندا رهيا جتي شاهرخ سولنگي هٿيارن جي زور تي ساڻس زيادتي ڪئي ۽ شادي لاءِ دٻاءُ وجهندا رهيو. متاثرہ ناري جو چوڻ هو ته بعد ۾ کين آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد هو ٺاروشاه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويا، پر پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انصاف نه ملڻ تي نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ 22-A/B تحت درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست داخل ٿيڻ کانپوءِ جوابدار کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن ۽ سندس والده اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عشا سولنگي
ٺارو شاهه واسڻ ناري جو امڙ
0 تبصرے