مينڊيٽ چوري ڪري مسلط ڪيل حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي سخت تنقيد ڪئي ۽ عالمي امن اجتماع 2027 جي تيارين بابت اهم اعلان ڪيو، هن چيو ته ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪَ خراب ٿي رهيون آهن، “مينڊيٽ چوري ڪري مسلط ڪيل حڪمران” عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، هن چيو ته مهانگائي تاريخي سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب عام ماڻهون جي زندگي انتهائي ڏکي بڻجي چڪي آهي، راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ ۾ بدامني، ڏڦيڙ ۽ بيچيني وڌي رهي آهي، جڏهن ته نوجوان نسل بيروزگاري سبب سخت پريشان آهي، هن چيو ته منشيات جو ڪاروبار تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ نوجوان تباهي طرف وڃي رهيا آهن، پر حڪومت مؤثر قدم کڻڻ بدران ادارن کي گمراهه ڪرڻ ۾ مصروف آهي، پريس ڪانفرنس دوران هن 7 ورهين جي ٻارڙين سان زيادتي جي واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته اهڙا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، پر انصاف فراهم نه پيو ڪيو وڃي، هن الزام لڳايو ته “فارم 47” تحت ٺهيل حڪومت عوام کي انصاف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هن وڌيڪَ چيو ته سنڌ ۾ روڊ رستا تباهه حال آهن، اسڪولن جي حالت خراب آهي ۽، حڪومت جي نااهلي سبب سماجي برائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جي هراسان ڪرڻ جي واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنھن نياڻي کي ڪو ھراسان ڪري تہ اھو ثبوت اسانکي موڪلي ڏين متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا، راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ جون معاشي پاليسيون آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽرول ۾ آهن، جنهن سبب عوام تي ڳرو بوجھ وڌو پيو وڃي، هن چيو ته حڪومت آزاد ۽ خودمختيار معاشي پاليسي ٺاهڻ جي قابل ناهي رهي، پريس ڪانفرنس دوران هن مطالبو ڪيو ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون فوري طور گهٽ ڪيون وڃن ۽ موجوده اسيمبليون ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون وڃن، هن وڌيڪَ چيو ته چونڊ عمل ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائين تي به سواليا نشان آهن، سندس چوڻ هو ته 27 مهينا گذرڻ باوجود درخواستن جي ٻڌڻي نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته سندن ڪارڪنن تي 26، 26 ڪيس داخل ڪري دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته جيئن هو پنهنجون درخواستون واپس وٺن، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته احتجاجي گهيراءُ ڪيو ويندو، راشد محمود سومرو چيو ته ڪجهه علائقن ۾ قبائلي جرڳا حڪومت جي دٻاءَ هيٺ ڪرايا پيا وڃن، جيڪو سٺو قدم نه آهي، هن سان گڏ منشيات جي معاملن تي به سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته سانگهڙ ۾ اربين رپين جي منشيات بابت فائلون ملڻ جا انڪشاف سنگين آهن، جن جي صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، راشد محمود سومرو راشد شاهه راشدي جو ذڪر ڪندي چيو ته راشدي خاندان سنڌ جي سياسي ۽ فڪري تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ عوامي شعور جي جدوجهد سان هميشه جڙيل رهيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن راشد شاهه عوامي ڀلائي لاءِ اڳتي وڌندا ته جي يو آءِ سندن ساٿ ڏيندي، هن اعلان ڪيو ته عالمي امن اجتماع 2027 جي تيارين جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان ماڻهون شرڪت ڪندا، هن چيو ته جميعت علماءِ اسلام عوامي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي، راشد محمود سومرو دعويٰ ڪئي ته هن وقت صرف جي يو آءِ ئي عوامي حقن لاءِ ميدان ۾ موجود آهي، جڏهن ته ٻين سياسي حلقن تي به تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو برياني جي پليٽن ۽ بي آءِ ايس پي جي پئسن تي تنقيد ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ سياسي جدوجهد کي سمجهڻ جي صلاحيت نٿا رکن، پريس ڪانفرنس دوران جميعت علماءِ سنڌ جي امير حضرت علامه مولانا عبدالقيوم هاليجوي، انجنيئر عبدالرزاق، عابد لاکو، مولانا محمد صالح انڍڙ، سليم سنڌي، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر، حاجي رفيق سومرو، مولانا يعقوب نعماني، رسول بخش منڱريو، عمران علي سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.
0 تبصرے