قلم جي مزدورن هميشه سچ، حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي آهي:صحافي اڳواڻ

صحافت جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان روھڙي يونين آف جرنلسٽس پاران منعقد تقريب ۾ صحافين، اديبن، شاعرن، سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي

قلم جي مزدورن هميشه سچ، حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي آهي:صحافي اڳواڻ

روھڙي (رپورٽر) صحافت جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان روھڙي يونين آف جرنلسٽس پاران قلم جي مزدور مرحوم صحافين جي ياد ۾ ھڪ شاندار، پروقار ۽ تاريخي تقريب منعقد ڪئي وئي، جيڪا شهر جي صحافتي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل طور ڏٺي پئي وڃي تقريب ۾ سينيئر صحافين، اديبن، شاعرن، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي روھڙي يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد عثمان گھنڃو، جنرل سيڪريٽري محمد شفيق شيخ، جمشيد قريشي، اسلم سومرو، ڪامران انصاري، ڪامران گھنڃو سيف الله بلوچ ڪلام قريشي ۽ ٻين پاران مھمان جو ڀرپور استقبال ڪيو تقريب جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ نعت رسول مقبول ﷺ پيش ڪئي وئي تقريب ۾ مرحوم صحافين عبدالله شيخ، مظھر جميل، طاھر خان، لکميچند، خان مجيد خان، عبدالله بلوچ، گل محمد انصاري، عبدالسلام قريشي وسيم شيخ ۽ ٻين جي وارثن کي خدمتن عيوض يادگار شيلڊ ڏنيون ويون ان موقعي تي بھترين ڪارڪردگي رکندڙ سينيئر صحافين پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، نثار ناز رڪ، ستار سومرو، جواد عباسي ۽ مجاھد بوزدار کي پڻ يادگار شيلڊون ڏنيون ويو جتي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن جن ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر جاويد جتوئي سکر پريس ڪلب جي صدر خالد ٻانڀڻ، جنرل سيڪريٽري سيد احقر رضوي، سينيئر صحافي۽ اديب نثارناز رڪ محقق ۽ دانشور اختردرگاھي شھزاد تاباني ڪامران شيخ ڪاشف ڦلپوٽو، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ، ھيومن رائيٽ يونٽي فائونڊيشن جي چيئرمين الاھي بخش ميتلو,محمد علي ميتلو، مولانا صاحبزاده عبيدالله قريشي، روھڙي بار صدر غلام نبي چڍڙ، جئي ڪمار مجاھد بوزدار، جواد عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته صحافت هڪ مقدس پيشو آهي، ۽ قلم جي مزدورن هميشه سچ، حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي آهي هنن چيو ته مرحوم صحافين پنهنجي زندگي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، بي آواز ماڻهن جي آواز بڻجڻ ۽ سماج ۾ سچائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي مقررن وڌيڪ چيو ته اڄ جي هن تقريب جو مقصد رڳو خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ نه پر نئين نسل جي صحافين کي اهو پيغام ڏيڻ پڻ آهي ته هو پنهنجي پيشاورانه ذميوارين کي ايمانداري، بهادري ۽ اصولن سان نڀائين۔ هنن زور ڀريو ته صحافت ۾ سچائي، غيرجانبداري ۽ عوامي مفاد کي هميشه اوليت ڏني وڃي جن لفظن شرڪت ڪندڙن کي جذباتي ڪري ڇڏيوان موقعي تي سينيئر صحافين چيو ته روھڙي يونين آف جرنلسٽس جو اهو قدم قابلِ تحسين آهي، جيڪو نه رڳو مرحوم ساٿين کي ياد ڪرڻ جو ذريعو بڻيو، پر صحافتي برادري ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي به فروغ ڏنو آهي تقريب ۾ حافظ غلام مجتبي زنگيجو، م، رڪ فارم پريس ڪلب جي صدر فقيرسھراب رڪ ستار زنگيجو عبيد لکڻ، حيدر مستوئي، سعادت قريشي، طلحہ قريشي، عاطف شاھ سميت سماجي تنظيمن، وڪيل برادري ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي پڄاڻي مرحوم صحافين جي مغفرت لاءِ دعا ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن مرحوم صحافين جي مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو