نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز جي سنڌ ڪالوني واسي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ شوڪت علي ٻوھيو جي گھر تي هٿياربندن جي فائرنگ دروازي کي گوليون هنيون ويون گاڏي جي شيشن کي نقصان گهر ڀاتين سميت وڪيل شوڪت علي ٻوھيو محفوظ رهيو، اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او نوشهروفيروز منعيم لاڙڪ پهچي جاء وارڌات جو معائنو ڪيو هوڏانهن وڪيل جي فائرنگ جو اطلاع ملڻ تي ضلعي بار ڪائونسل پاران عدالتي ورڪ سسپنڊ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ ايڊووڪيٽ عبدالرحيم عباسي سميت ڪيترائي وڪيل ۽ شهري شوڪت علي ٻوھيو جي گھر سندس خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ پهچي ويا ان موقعي تي وڪيل شوڪت علي ٻوھيو ميڊيا کي ٻڌايو ته فجر 4 وڳي ڌاري نامعلوم هٿياربندن گهر تي حملو ڪيو فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا آهن گيٽ کي گوليون لڳل آهن ۽ گاڏي کي نقصان پهتو آهي
0 تبصرے