English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سمنڊ ڪناري آباد چشما ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم، ڳوٺاڻن جو احتجاج
149 views
|
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
فيروز خاصخيلي، حسن خاصخيلي، عبدالرحمن خاصخيلي، جمن خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي سامونڊي پٽي تي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان آباد چشما ڳوٺ اڄ به بنيادي انساني حقن ۽ سهولتن کان محروم آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي۔ ڳوٺ واسين حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت احتجاج ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن مسئلا حل نه ڪيا ويا ته هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا۔ ڳوٺاڻن فيروز خاصخيلي، حسن خاصخيلي، عبدالرحمن خاصخيلي، جمن خاصخيلي ۽ احمد علي خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چشما ڳوٺ گذريل هڪ صدي کان آباد آهي، پر اڄ تائين هتي رهندڙ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، روڊ، نيڪال جو نظام، صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن۔ هنن چيو ته هو هر چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا رهيا آهن، پر افسوس جو سندن علائقي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا ويا۔ ڳوٺاڻن موجب برساتن دوران علائقو تلائن جو منظر پيش ڪندو آهي، جڏهن ته خراب رستن سبب عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل ادارن کي شڪايتون ڪيون ويون، پر اڄ تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي۔ ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته چشما ڳوٺ کي ترت بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهواسين جي احساس محرومي ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ سمنڊ ڪناري آباد چشما ڳوٺ بنيادي سهولت
0 تبصرے