فرنيچر جي اڻهوند سبب شاگرد تتل زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تعليم کاتي جي سخت لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ضلعي ملير جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن ڪري سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ملير جي علي محمد جوکيو ڳوٺ ۾ قائم علي خان مير خان پرائمري اسڪول فرنيچر، بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن کان مڪمل طور محروم بڻيل آهي.اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 5 سئو شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿا، پر فرنيچر نه هئڻ سبب معصوم ٻارڙا قهر جي گرمي ۾ تتل زمين تي ويهي پڙهائي ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته استادن ۽ استادياڻين لاءِ به ويهڻ ۽ پڙهائڻ جون سهولتون موجود ناهن، جنهن سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي.علائقي واسين ۽ شاگردن موجب اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ ڪري ڪلاس رومن ۾ سخت ٻوساٽ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جتي گرمي جي شدت سبب ننڍڙن ٻارڙن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳي ٿو. شاگردن چيو ته “اسان پڙهڻ چاهيون ٿا، پر نه بجلي آهي، نه پاڻي ۽ نه ئي ويهڻ لاءِ فرنيچر موجود آهي، جنهن ڪري سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.”هوڏانهن پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه هجڻ سبب شاگرد، شاگردياڻيون، استاد ۽ استادياڻيون سخت اذيت ۾ مبتلا آهن. گرمي جي موسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي ٻار بيهوشي ۽ مختلف بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن.والدين ۽ علائقي جي رهواسين تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول کي ترت فرنيچر، بجلي، پنکا ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن معصوم ٻارڙن جو مستقبل بچائي سگهجي ۽ هو بهتر ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن۔
0 تبصرے