English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اي ڊي سي ون شڪارپور محمد فيضان چيما جي صدارت هيٺ گڏجاڻي
9 views
|
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ٿيليسميا جي بيماري ۾ هن وقت 338 مريض آهن: محمد فيضان چيما
شڪارپور(احسان ابڙو)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما جي صدارت هيٺ ٿيليسميا فائونڊيشن جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڪوٺائي وئي۔تفصيل موجب اڄ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما جي صدارت هيٺ ٿيليسميا فائونڊيشن جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڪوٺائي وئي۔ گڏجاڻيءَ سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيما گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ۾ ٿيليسميا جي بيماري ۾ هن وقت 338 مريض آهن جن ۾ ٻار، ڇوڪريون عورتون، مرد، نوجوان ڇوڪرا هن موذي مرض ۾ مبتلا آهن. انڪري ضلعي انتظاميه، صحت، پوليس، ايڊيوڪيشن، هيلٿ سميت شڪارپور جي سڀني سرڪاري ملازمن توڙي شڪارپور جي شعور وندن نوجوانن کي عرض آهي ته هي مسڪين ماڻهو بيماريءَ ۾ ورتل آهن. انهن ماڻهن کي رت جي هڪ ٿيلي ڏئي مدد ڪندا ته وڌ ۾ وڌ ثواب دارين حاصل ٿيندو. هن چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ سان انسان جي تي زڪوات به آهي ۽ رت ڏيڻ سان انساني همدردي ۽ ثواب خاطر ڪنهن بيماري جي حياتي بچائي وڃي. هن چيو ته اسان سوشل سماجي اڳواڻن، يونيورسٽي انتظاميه شڪارپور ۾ درد رکندڙ ماڻهن کي التجا ڪريون ٿا ته هن ثواب جي ڪم ۾ ڀرپور فائدو وٺن. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيما چيو ته ٿيليسميا هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنهن ۾ ٻارن کي ڄمڻ کان وٺي تقريباً 12 سالن جي عمر تائين رت جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته رت جي مسلسل کوٽ انهن ٻارن جي زندگي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي۔ محمد افضل (افضل ميموريل ٿيليسيما فائونڊيشن) اي ايم ٽي ايف جي مئنيجر چيو ته ان مسئلي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي 8 مئي 2026 تي ڊي ايڇ او آفيس سول اسپتال شڪارپور ۾ ٿيليسميا بابت 30-9 بجي صبح جو هڪ آگاھي واڪ منعقد ڪئي ويندي۔ واڪ جو مقصد عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ٿيليسميا جي مريضن لاءِ محفوظ رت جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي۔ هن چيو ته رضاڪارانه رت عطيو مهم پڻ هلائي ويندي، جيئن رت جي ضرورت رکندڙ ٻارن کي بروقت رت فراهم ڪري سگهجي۔ ان موقعي تي پرويز احمد لاکو ڊي سي ايف اين جي او طرفان چيو ته چڪ ۾ 16 مئي تي ٽي بيءَ جي هڪ ڪيمپ رکيل آهي اتي به اسان رت جي عطيعي لاءِ به ڪيمپ هڻنداسين.ڻ ڊسٽرڪٽ پرجيڪٽ آفيسر سرسو ميڊم هميرا سومرو چيو ته اسانجو ٽيمون ڳوٺن ۾ وينديون آهن ۽ انهن کي به چونداسين ته هن ڪارخير جي ڪم ۾ حصو وٺن.اجلاس ۾ پوليس، هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن، چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعليم کاتي، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، لوڪل گورنمينٽ، سرسو سميت مختلف اين جي اوز جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th May 2026
•
سندھ
ڈپٹی کمشنر تھرپارکر عبدالحلیم جاگیرانی سے تھر سٹیزن فورم کے وفد کی ملاقات
07th May 2026
•
سندھ
ہر سال دنیا بھر میں لاکھوں افراد دل کی بیماری کی وجہ سے مر جاتے ہیں، محمد اسلم خان
07th May 2026
•
Jobs
Energy Department MirpurkhasSindh
07th May 2026
•
Jobs
Energy Department Sukkur Sindh
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
يوسي وڪڙو ڏوڪري ۽ دڙا يوسي باڊھ ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ جوڳي موڙ واسڻ بيواهه عورت جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد واسي پورهيت ڀائرن ۽ ڀاڄائي خلاف پريس ڪلب پهچي ويو
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: گسٽا مدرسيه اينڊ ڪئمپس هاءِ اسڪول جي چونڊ ٿي گذري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اي ڊي سي ون شڪارپور محمد فيضان چيما
0 تبصرے