English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد واسي پورهيت ڀائرن ۽ ڀاڄائي خلاف پريس ڪلب پهچي ويو
141 views
|
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڀاڄائي سعيده ۽ ڀاء آصف منھنجي ڌيءَ ۽ گھرواري جون جعلي تصويرون کڻي سوشل ميڊيا تي غلط پوسٽون رکي رھيا آھن: شمس الدين سومرو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد جي رهواسي پورهيت شمس الدين سومرو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي ڀائرن آصف سومرو، صدام سومرو ۽ ڀاڄائي سعيده سومرو کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي پريس ڪانفرنس دوران شمس الدين سومرو چيو ته هو ملڪ کان ٻاهر مزدوري ڪري پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پالي رهيو آهي، جڏهن ته سندس ٻارڙا ۽ والدين گلشن حديد ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهائش پذير آهن۔ هن الزام هنيو ته سندس ڀائر آصف سومرو، صدام سومرو ۽ ڀاڄائي سعيده سومرو روزانو سندس گهر اچي جهيڙا ۽ تڪرار ڪن ٿا، جن کي ڪيترائي ڀيرا منع ڪرڻ باوجود به هو نٿا مڙن هن وڌيڪ چيو ته تازو ڀاڄائي سعيد سومرو ڀاء آصف سومرو منھنجي نياڻي ۽ گھرواري جون جعلي تصويرون کڻي سوشل ميڊيا تي غلط پوسٽون رکي رھيا آھن جنھن جا ثبوت پڻ وٽس موجود آهن هن چيو ته ان عمل سبب کيس سخت ذهني اذيت پهتي آهي، تنهنڪري هو اڄ کان پنهنجي ڀائرن آصف سومرو صدام سومرو ۽ سندن فيملي کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪري ٿو شمس الدين سومرو چيو ته اڄ کان پوءِ سندس فيملي ٻچڙن ۽ والد قمرالدين سومرو جو ڄاڻايل ماڻهن سان ڪو به واسطو يا تعلق نه هوندو هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ کيس يا سندس فيملي کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار ڄاڻايل ماڻھون هوندا آخر ۾ هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس بيان کي رڪارڊ تي رکيو وڃي ۽ سندس فيملي خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ پروپيگنڊا جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
: شمس الدين سومرو
ڀائرن آصف، صدام ۽ ڀاڄائي سعيده کان لاتعلقي جو اعلان ڪيان ٿو
پرڏيهه وڃي مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو، ڀائر ۽ ڀاڄائي روز گهر اچي جهيڙا ڪن ٿا
0 تبصرے