English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ۽ تقريبون منعقد
135 views
|
10th May 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي جي مختلف سرڪاري، تعليمي ۽ نجي ادارن ۾ معرڪه حق تقريبون منعقد ڪيون ويون
نوشهروفيروز (ڊ ر)ملڪ جي ٻين حصن جيان ضلعي انتظاميا نوشهروفيروز جي ھدايتن تي ضلعي جي مختلف سرڪاري، تعليمي ۽ نجي ادارن ۾ “مارڪہ حق” جي حوالي سان ڀرپور تقريبون منعقد ڪيون ويون، جڏهن ته ضلعي جي مختلف شھرن، اهم چوراھن جي نمايان جاين تي پاڪ فوج ، قومي ھيروز ۽ مارڪہ حق بابت تصويرون ۽ بينر پڻ لڳايا ويا. ان موقعي تي مختلف سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ مارڪہ حق بابت تقريري مقابلا، ٽيبلوز، ملي نغما ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جي حمايت ۽ سورهيائي جي خوشيءَ ۾ ريليون پڻ ڪڍيون ويون . تفصيل موجب ضلعي انتظاميا جي ھدايتن تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز ، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز ، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي مورو ، ايڪسين ھاءِ وي نوشهروفيروز ، ايڪسين پراونشل ھاءِ وي نوشهروفيروز ، ٽائون ڪميٽي ڪنڊيارو ، چيئرمين ٽائون ڪميٽي درياءَ خان مري ، سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي سميت مختلف ادارن پاران تقريبون منعقد ڪيون ويون .ان کان علاوه گورنمينٽ مدرسہ ھاءِ اسڪول نوشهروفيروز ، گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول نوشهروفيروز ، گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مورو ، گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول ڀريا سٽي ، گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڀريا روڊ ، گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ڪنڊيارو ، گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري ھائير سيڪنڊري اسڪول قربان علي ٽانوري ، گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول محبوب علي جوکيو محرابپور ، گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ھالاڻي ، گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول لاکا روڊ ، گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول محرابپور ، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول اسحاق بڙدي ڪنڊيارو ۽ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول اردو نوشهروفيروز ۾ پڻ مارڪہ حق بابت تقريبون ، سيمينار ۽ تقريري مقابلا منعقد ڪيا ويا۔تقريبن کي خطاب ڪندي مقررن پاڪ فوج جي ڏنل قربانين، بھادري ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ واري ڪردار کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو. انھن چيو تہ پاڪستان جي بھادر فوج دشمن کي اھڙو تہ سبق سيکاريو آھي، جيڪو دشمن جا نسل به ياد رکندا. مقررن وڌيڪ چيو تہ عالمي سطح تي پاڪ فوج جي قربانين ۽ پيشوراڻين صلاحيتن کي تسليم ڪيو پيو وڃي، جيڪا سڄي قوم لاءِ فخر جو باعث آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ معرڪه حق جي حوالي سان
0 تبصرے