English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي اولڊ مظفر آباد ۾ افسوسناڪ واقعو، پاڻي جي ٽينڪي ۾ ٻڏي 7 ورهين جو ٻار فوت
168 views
|
10th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اولڊ مظفر آباد واري علائقي ۾ هاشمي مسجد ڀرسان هڪ گهر اندر قائم پاڻي جي ٽينڪي ۾ ٻڏي هڪ معصوم ٻار فوت ٿي ويو، جنهن بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي، جڏهن ته گهر ڀاتي ڏک ۾ بيحال ٿي پيا۔اطلاعن موجب 7 ورهين جو ٻار گهر اندر راند ڪندي پاڻي جي ٽينڪي ڀرسان پهتو، جتي هو حادثاتي طور ٽينڪي ۾ ڪري پيو۔ ڪجهه دير تائين نظر نه اچڻ تي گهر ڀاتين ڳولا شروع ڪئي ته ٻار کي پاڻي جي ٽينڪي مان بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو۔ريسڪيو ذريعن موجب ٻار کي فوري طور ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي۔ فوتي ٻار جي سڃاڻپ عاصم ولد عارف طور ٿي آهي، جڏهن ته سندس عمر 7 سال ٻڌائي وڃي ٿي۔ واقعي کانپوءِ علائقي واسين گهرن ۾ قائم کليل پاڻي جي ٽينڪين کي ڍڪڻ ۽ حفاظتي اپائن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي اولڊ مظفر آباد ۾ افسوسناڪ واقعو
0 تبصرے