English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ٽرانسپورٽرن ۾ روٽ پرمٽ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو
126 views
|
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڪوڙن ڪاغذن ذريعي گاڏيون روڪي مسافرن لاٿا پيا وڃن: مختيار کوسو ۽ ٻيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ روٽ پرمٽ جو تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سبب ٽرانسپورٽرن ۾ سخت ڳڻتي ۽ بيچيني پکڙجي وئي آهي سلسلي ۾ ملير جي ٽرانسپورٽرن غلام سرور ميمڻ، مختيار علي کوسو، ذوالفقار علي ٻگهيو، عبدالحق بليدي ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير پهچي گڏيل هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته ڪجهه ماڻهو ڪوڙن ڪاغذن جي زور تي سندن گاڏين کي روڪي عورتن سميت مسافرن کي زبردستي لاهي رهيا آهن، جنهن سبب سندن روزگار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ڄاڻايل ٽرانسپورٽرن چيو ته 2017 کان سندن 18 کان وڌيڪ گاڏيون قائد آباد کان ماتلي تائين باقاعدي هلنديون رهيون آهن، پر هاڻ بااثر شاهجهان بروهي، محبوب علي ٻگهيو ۽ ٻيا غيرقانوني طور تي ڪوڙا دستاويز استعمال ڪري بااثر مخالف سندن روٽ تي هلندڙ گاڏيون زوري بند ڪرائي رهيا آهن هنن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ٽي اي سنڌ طرفان به اهڙن ڪوڙن ڪاغذن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ اسان عدالت ۾ پٿيشن داخل ڪرائي آهي جنهن جون شنوايون هلي رهيون آهن ان باوجود به انتظاميا طرفان موثر قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن سبب صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي هنن چيو ته ملير پوليس اسان جي مخالفن سان گڏجي اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي جڏهن ته اسان طرفان ڪو ڪيس وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي پريس ڪانفرنس ۾ ٽرانسپورٽرن سنڌ جي وڏي وزير، آئي جي سنڌ، ڊيبائي جي ٽريفڪ، ايس ايس پي ٺٽو ايس ايس پي ٽريفڪ ملير، ايس ايس پي ملير، مطالبو ڪيو ته انتظاميا فوري طور مداخلت ڪري غيرقانوني روٽ بند ڪري ۽ اصل ٽرانسپورٽرن کي تحفظ ڏئي ته جيئن علائقي ۾ امن ۽ قانون جي بالادستي قائم رهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ ٽرانسپورٽرن ۾ روٽ پرمٽ
0 تبصرے