English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو پوليس جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ
146 views
|
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڪارروائي دوران خادم ميرالي کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس
نوشھرو فيروز (ڊ ر)ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل خان کوسو جي هدايتن تي سب ڊويزنل پوليس آفيسر مورو ڊاڪٽر فائزہ سوڍر جي نگراني ۾ منشيات ۽ مضر صحت گٽڪا مافيا خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران مورو پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو۔ايس ايڇ او مورو امتياز علي کھاوڙ جي سربراهي ۾ پوليس ٽيم ڪارروائي ڪندي جوابدار خادم حسين ولد سلطان ميرالي، رهواسي ضلع جيڪب آباد کي گرفتار ڪيو۔ پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان 160 پيڪٽ مضر صحت Z-21 گٽڪا سپاري ۽ هڪ ڪار هٿ ڪئي وئي آهي۔پوليس جوابدار خلاف مين پوري گٽڪا ايڪٽ جي قلم 7/8 تحت ڪيس نمبر 209/2026 داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل خان کوسو ڪامياب ڪارروائي تي مورو پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته مضر صحت گٽڪا ۽ مين پوري جي خريد و فروخت ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق ڪارروايون جاري رهنديون۔ هن چيو ته نوجوان نسل کي نشي جي لعنت کان بچائڻ پوليس جي اولين ترجيح آهي۔ ضلعي پوليس ترجمان موجب گٽڪا مافيا خلاف وڌيڪ ڪارروايون پڻ جاري آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو پوليس جي ڪارروائي، وڏي
0 تبصرے