English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي ديهه الهه ٻنو جا 31 قديم ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏل
144 views
|
12th May 2026
•
سنڌي خبرون
ٽن ڳوٺن کي مليل بجلي به 10ڏينهن کان بند، پاڻي جي شديد کوٽ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي اولھ جي سامونڊي پٽي واري تاريخي علائقي ديه اله ٻنو جا 31 قديم ڳوٺ اڄ به ترقي کان محروم آهن، جتي 28 ڳوٺ ملڪ جي 78 سالن جي تاريخ باوجود اڃان تائين بجلي جهڙي بنيادي سهولت کان وانجهيل آهن، جڏهن ته صرف ٽن ڳوٺن عبدالله ڀنڊ، حاجي نور محمد ڀنڊ ۽ اله بخش ڀنڊ کي حب بلوچستان مان بجلي فراهم ڪئي وئي هئي، پر اها به گذريل ڏهن ڏينهن کان مڪمل طور بند پيل آهي، جنهن سبب سڄي علائقي ۾ سخت پريشاني پکڙجي وئي آهي۔ ڳوٺاڻن جي وفد مقبول ڀنڊ، حاجي صادق ڀنڊ، امتياز ڀنڊ، عبدالرحيم ڀنڊ ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي دانهن ڪئي ته ديه الهٻنو جا رهواسي صدين کان سمنڊ ڪناري آباد آهن ۽ مڇي ماري توڙي ڏهاڙي مزدوري ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالين ٿا، پر افسوس جو اڄ تائين حڪومت طرفان کين ڪا به بنيادي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي۔ هنن چيو ته بجلي بند هجڻ سبب پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، عورتون، ٻار ۽ بزرگ سخت گرمي ۾ عذاب جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته روزگار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي۔ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ملڪ کي قائم ٿئي لڳ ڀڳ هڪ صدي ٿيڻ واري آهي، پر سندن علائقو اڄ به بجلي، گيس، صاف پاڻي، صحت ۽ روڊن سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي۔ متاثر ڳوٺاڻن حڪومت، چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل ادارن کان فوري نوٽيس وٺي بند پيل بجلي بحال ڪرڻ ۽ ديه الهٻنو جي سمورن 31 ڳوٺن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي...
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي جي ديهه الهه ٻنو جا 31 قديم
0 تبصرے