English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو
143 views
|
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل حاجي محمد بقاء پلي، ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي کي پوليو کان مڪمل طور تي پاڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون ان لاءِ ضلعي سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ SNID مئي 2026ع مهم جي حوالي سان “ڊسٽرڪٽ ريڊينس ميٽنگ" ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار حال ۾ ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقاء پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ سھائي عزيز ٽالپر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران خان، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجئہ ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر فريد احمد ھنڱورجو، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڪيسراڻي، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، تعليم کاتي، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول سيد خان محمد شاھ ۽ صحت کاتي سميت لاڳاپيل عملدارن WHO، روٽري انٽرنيشنل، سماجي تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ تہ والدين پنھنجي پنجن سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين، جيئن مستقبل جي نسل کي معذوري کان محفوظ بڻائي سگهجي، ھن چيو تہ پوليو جو خاتمو وقت جي ضرورت آهي جنهن لاءِ تمام تر وسيلا استعمال ڪيا وڃن يوسي ايم اوز ۽ ايريا انچارج جو پوليو مهم ۾ اھم ڪردار آھي، جڏهن تہ پوليو مهم جي تيارين، سيڪيورٽي انتظامن، ٽيم ورڪ، والدين ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ بابت تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويندو. ان موقعي تي اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ سھائي عزيز ٽالپر چيو تہ پوليو قومي ڪاز آھي جنھن لاء ڀرپور تعاون ڪيو ويندو ۽ جتي اضافي سيڪيورٽي جي ضرورت ھوندي ان کي وڌيڪ سيڪيورٽي اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. ان موقعي تي اجلاس ۾ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار چيو تہ 18 مئي کان 21 مئي تائين گھر گھر وڃي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا جڏهن تہ پوليو مهم بابت سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ھن پوليو مهم ۾ ٽوٽل ٽارگيٽ 91656 آھي. اجلاس کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ، ايس ايس پي عمرڪوٽ ، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ سميت صحت کاتي جي ڊاڪٽرن سان گڏجي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو افتتاح ڪيو ويو ۽ آگاھي واڪ پڻ منعقد ڪئي ريلي ڪڍي وئي، جنھن جو مقصد عوام ۾ پوليو کان بچاءُ بابت شعور اجاگر ڪرڻ آھي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے