English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي بند، پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ
111 views
|
15th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهرين ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان بلاول لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، نعريبازي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد سميت ڀرپاسي جي آبادين يار محمد ڳوٺ، پپري، گھگھر ڦاٽڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين پاران گلشن حديد ۾ قائم ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو۔ احتجاج جي اڳواڻي بلاول لاکو ۽ ٻين مقامي اڳواڻن ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪري ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔احتجاج ڪندڙن چيو ته شديد گرميءَ جي موسم ۾ ڊگهي وقت تائين بجلي بند هجڻ سبب علائقي ۾ زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي۔ گهرن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻار، عورتون ۽ بزرگ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ هنن الزام لڳايو ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان بنا ڪنهن شيڊول جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب روزاني معمولات سخت متاثر ٿي رهيا آهن مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي مڪمل طور بند هجڻ ڪري واٽر پمپس به نه هلي رهيا آهن، جنهن سبب ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ هنن چيو ته بار بار شڪايتن باوجود ڪي اليڪٽرڪ عملدار سنجيده قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن۔ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بجلي بحال ڪري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ هنن حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان پڻ مطالبو ڪيو ته علائقي واسين جي مسئلن جو نوٽيس وٺي ڪي اليڪٽرڪ کي پابند بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ٿي سگهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي
0 تبصرے