English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عورتن جو احترام، سنڀال ۽ سماجي برابري هڪ مهذب سماج جي سڃاڻپ آهي راجوير سنگهه سوڍا
159 views
|
15th May 2026
•
سنڌي خبرون
جيڪي ماڻهون ٻين جي سنڀال ڪن ٿا، انهن جي تحفظ سان گڏ سماج جي هر طبقي کي برابري جا حق ملڻ گهرجن
عمرڪوٽ/ڪراچي(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) راجوير سنگهه سوڍا ڪراچي ۾ عورتن جي عزت، سنڀال، همدردي ۽ انساني قدرن بابت منعقد ڪيل هڪ اهم سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن عورتن جي حقن، سماجي برابري، ذهني سڪون ۽ سماج جي هر فرد کي برابر حقن جي فراهمي بابت تفصيلي خيال پيش ڪيا، هي سيمينار وي ڪيئر سوسائٽي ۽ وفاقي ايوانِ صنعت و تجارت پاڪستان جي انساني حقن واري قائم ڪميٽي پاران سندن مرڪزي آفيس ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سماجي اڳواڻن، ماهرن، مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي راجوير سنگهه سوڍا چيو ته عورتن جي عزت، تحفظ، سماجي شموليت ۽ ذهني خوشحالي هڪ مهذب سماج جي سڃاڻپ آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهون ٻين جي سنڀال ڪن ٿا، انهن جي تحفظ سان گڏ سماج جي هر طبقي کي برابري جا حق ملڻ گهرجن، هن وڌيڪَ چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي حقن، بااختياري ۽ سماجي ڀلائي لاءِ مسلسل عملي قدم کڻي رهي آهي، جن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، سيمينار ۾ شريڪ مقررين عورتن جي عزت، انساني قدرن ۽ سماجي هم آهنگي جي واڌاري لاءِ گڏيل ڪوششن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
آهي راجوير سنگهه سوڍا
0 تبصرے