English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ بيواهه عورت جو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج
140 views
|
17th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڀوڄو ڪولهي لاباري لاءِ لاڙڪاڻي وٺي ويو هو، 30 مڻ ڪڻڪ کڻيو ويو آهي: سومري ڪولهي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو هڪ بيواه عورت سومري ڪولهڻ پنهنجي معصوم ٻارن سميت ليبر جمعدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، متاثر عورت الزام لڳائيندي چيو ته ليبر جمعدار ڀوڄو ڪولهي کين ڪڻڪ جي لاٻاري لاءِ لاڙڪاڻي وٺي ويو، جتي هنن سخت گرمي ۽ ڏکين حالتن باوجود ڏينهن رات محنت ڪري ڪڻڪ گڏ ڪئي، پر هاڻي کين نه مزدوري جا پئسا ڏنا پيا وڃن ۽ نه ئي سندن حصي جي ڪڻڪ واپس ڪئي پئي وڃي، احتجاج دوران متاثر عورت صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن پنهنجي ٻارن جي پيٽ پالڻ لاءِ ٻين مزدورن سان گڏ محنت ڪئي هئي ۽ لاٻاري دوران گڏ ڪيل سندن 30 مڻ ڪڻڪ به ڀوڄو ڪولهي ۽ ڀيرو ڪولهي مبينه طور کڻي ويا آهن، هن وڌيڪَ الزام هنيو ته جڏهن به هو پنهنجي حق جي ڪڻڪ يا مزدوري طلب ڪن ٿا ته کين موتمار ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، بيواه عورت چيو ته هوءَ انتهائي غريب ۽ لاچار آهي، گهر ۾ ڪمائڻ وارو ٻيو ڪو به فرد موجود ناهي، سندس معصوم ٻار به سندس ئي آسري تي آهن، هن وس وارن، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته سندس لاٻاري جي مزدوري جا پئسا، 30 مڻ ڪڻڪ واپس ڪرائي کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، جيئن سندس معصوم ٻارن جو گذر سفر ٿي سگهي، احتجاج دوران بيواه عورت ۽ سندس معصوم ٻارن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي انصاف لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ بيواهه عورت جو
0 تبصرے