English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نامياري شاعره آپا مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي، سنڌ علمي ۽ ادبي دنيا سوڳوار بڻجي وئي
105 views
|
18th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ( گلشيرميربحر ) نامياري شاعره آپا مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي، سنڌ علمي ۽ ادبي دنيا سوڳوار بڻجي وئي، خبر موجب سنڌ جي نامياري انقلابي شاعر محمد خان مجيدي جي نياڻي، ناليواري شاعره، ليکڪا، اديبه ۽ استاد مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي خبر پکڙجڻ سان سڄي سنڌ جي علمي، ادبي، سماجي ۽ تعليمي حلقن ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آهي آپا مريم مجيدي 80 ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪري وئي۔ سندن مڙهه کي اباڻي شهر سجاول ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو آپا مريم مجيدي سنڌ جي انهن چونڊ عورت اديبن ۽ شاعرائن مان هڪ هئي، جن پنهنجي علم، قلم ۽ فڪر ذريعي سنڌي ادب ۾ منفرد سڃاڻپ قائم ڪئي۔ هوءَ پنهنجي والد محمد خان مجيدي جي علمي ۽ فڪري ورثي جي سچي وارث هئي۔ سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو، عورتن جا احساس، قومي شعور، محبت، مزاحمت ۽ سماجي ناانصافين خلاف سگهارو آواز نمايان نظر ايندو هو سندس مشهور ڪتابن ۾ “سروم دکم دکم” ۽ “نيرانا ئي نيڻ” شامل آهن، جڏهن ته شاعريءَ جا تقريبن ڇهه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ تصنيفون اڃا شايع ٿيڻيون آهن۔ ادبي خدمتن عيوض کيس ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ مليا هئا تعليمي ماهر ۽ استاد جي حيثيت سان پڻ آپا مريم مجيدي جون خدمتون نمايان رهيون۔ هن پنهنجي زندگي سنڌ جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۽ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاه آپا مريم مجيدي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو۔ هن مرحومه جي مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ دعا پڻ گهري ۽ ڏکويل خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سابق ايم پي اي غلام قادر پليجو، سابق صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته آپا مريم مجيدي جو وڇوڙو سنڌي ادب، شاعري ۽ مزاحمتي فڪر لاءِ وڏو نقصان آهي۔ هنن چيو ته آپا مريم وطن دوست، قوم دوست ۽ باوقار شخصيت هئي، جنهن سڄي عمر ادب ۽ علم جي خدمت ڪئي هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت شاخ سجاول پاران آپا مريم مجيدي جي وڇوڙي تي هفتي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔ شاخ جي سيڪريٽري اصغر ميمڻ ۽ نوجوان شاعر اياز امر شيخ چيو ته مريم مجيدي پنهنجي شاعري ذريعي سنڌ، عورت، محبت، جدوجهد ۽ قومي شعور جهڙن موضوعن کي سگهاري انداز ۾ اجاگر ڪيو، جڏهن ته سندس وفات سان سنڌي ادب هڪ شعوري آواز کان محروم ٿي ويو آهي ٻئي طرف سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو، سيڪريٽري جنرل لياقت علي سهتو ۽ ٻين اڳواڻن پاران پڻ گهري ڏک جو اظهار ڪندي سڄي سنڌ ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔ اڳواڻن چيو ته آپا مريم مجيدي جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده ۽ مزاحمتي لهجي واري شاعره هئي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ وقت جي ظالم قوتن، سماجي ناانصافين ۽ سنڌ دشمن روين خلاف بيباڪي سان لکيو ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته آپا مريم مجيدي جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ تعليم لاءِ هڪ وڏو خال آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين محسوس ڪيو ويندو، جڏهن ته “سنڌ جي لفظن جي دنيا اڄ سوڳوار آهي”۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نامياري شاعره آپا مريم مجيدي لاڏاڻو
0 تبصرے