English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسئيشن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي
34 views
|
03rd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ننڍن ملازمن سان کاتي ۾ زيادتيون وڌي ويون آهن، جبري بدلين سميت سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن: اڳواڻ
شڪارپور ( احسان ابڙو) آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسئيشن ضلعي شڪارپور طرفان (آپڪا ايجوڪيشن ) عبدالنبي دايو اسسٽنٽ ڊاريڪٽوريٽ آف اسڪول ايجوڪيشن (پرائمري) ۽ آپڪا ايجوڪيشن يونٽ صدر لاڙڪاڻو جي ٿيل جبري بدلي جي خلاف سموري لاڙڪاڻو ڊويزن سميت شڪارپور ضلعي ۾ به تقريبن 18 ڊپارٽمينٽس جن ۾ ايجوڪيشن‚ ھيلٿ ‚ پاپوليشن‚ اسڪارپ ڊرينيجڊويزن‚ ميونسپل‚ ھاء ويز, پبلڪ ھيلٿ‚ فوڊ‚ فاريٽ ‚ لوڪلگورنمينٽ‚ زڪوات اشور‚ ايڪسائيز‚ ڪاليج ايجوڪيشن‚تعلقه ڳڙھي ياسين‚ ‚ لکي ۽ تعلقه خانپور جي سمورن کاتن جي ڪلارڪن سخت گرمي ۾ وزير تعليم جي P.A عبدالحليم سومري خلاف احتجاجي ريلي ۽ مظاھرو ڪيو ـ ريلي ڊي اي او (پرائمري) آفيس کان نڪتي جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب شڪارپور تي پھتي جتي ڌرڻو لڳايو ويو مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ھئا ۽ جبري بدلي خلاف ڇتي ناريبازي ڪندا رھيا مظاھرين خطاب ڪندي ضلعي صدر عبدالوھاب ڪاغزي‚ نظير حسين شاھ‚ مجاھد حسين لانگھا ‚ شفيق احمد شيخ ‚ جاويداحمدسومرو‚ محد عزير قريشي ‚ شيراز احمد ڪيھر‚ عنايت علي ميمڻ تعلقه صدر ڳڙھي ياسين‚ محمد الياس تعلقه صدر لکي محمد سچل ڀيو‚ عبدالرشيد سومرو، الطاف احمد جويو‚ احسان احمد ڪانڌڙو‚ رحيم بخش سومرو ‚ سراج احمد سومرو ‚ نسيم احمد اڄڻ ۽ ٻين پنھنجي خطاب ۾ چيو ته ھر روز ننڍن ملازمن کي جبري رپورٽ ٿو ڪرايو وڃي ڪنھن کي سسپينڊ ڪيو ٿو وڃي ته ڪنھن جي پگھار بند ڪئي ٿي وڃي ڪلارڪ آفيس جي اندر سرڪار ۽ سرڪاري ڪم پورا ڪن ٿا پوء به عبدالنبي دايو اسسٽنٽ جھڙن بھادر ڪلارڪن کي بغير ڪنھن جواز جي بدلي ڪري ڪراچي موڪليو ويو آھي اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ وزير تعليم کان پرزور مطالبو ڪيو ته جبري بدلي واپس ورتي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Shikarpur
Apca
Protest
0 تبصرے