English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران ڪارونجھر جي ٻيھر نيلامي خلاف تحريڪ جو اعلان
216 views
|
30th Jul 2023
•
سنڌي خبرون
ڪارونجھر سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثو آھي، پ پ حڪومت سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ ڪارونجھر جي ٻيھر نيلامي خلاف 4 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ ريلين، مظاھرن ۽ ڌرڻن جو اعلان ڪيو آھن. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪارونجھر سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثو آھي. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ٽولو 15 سالن کان سنڌ تي قابض تي ھر شئي نيلام ڪري رھيو آھي. 18ھين ترميم جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي. بيھر اقتدار لاءِ 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏنا ويا. ڪڏھن ٻيٽن جو سودو، ڪڏھن بندرگاهن جو سودو، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي لينڊ مافيا حوالي ڪئي وئي آھي. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ تعمير ڪرائي پيپلز پارٽي حڪومت سنڌو درياھ سڪائي ڇڏيو آھي. تيل، گئس، ڪوئلو ھجڻ باوجود سنڌ جا ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. زرخيز زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن. صنعتي ادارا ختم ٿي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر جيڪا بہ جوڙ توڙ ڪري سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارونجھر جي نيلام خلاف 3 آگسٽ تي مٺي ۾ جلسي عام ڪيو ويندو ۽ 4 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ ريليون، مظاھرو ۽ ڌرڻا ھنيا ويندا. سنڌ جو لکين عوام ڪارونجھر جي نيلام کي رد ڪري چڪو آھي. جيڪڏھن پ پ حڪومت ڪارونجھر جي نيلامي بند نہ ڪئي تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Ayaz
Latif
Palijo
QAT
sindyani tahreek
karonjhar
0 تبصرے