English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
15سالن دوران غربت سبب مائرون پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿيون: اياز لطيف پليجو
159 views
|
11th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
گذريل 15سال سنڌ ۾ ڪرپشن، مھانگائي، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ زرعي تباھي وارا رھيا
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيپلز پارٽي حڪومت جا 15 سال سنڌ ۾ بي پناھ ڪرپشن، مھانگائي، بک، برحالي، بيروزگاري ۽ زرعي تباھي وارا رھيا. غربت سبب مائرون پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿيون، بک کان بيزار ٿي نوجوانن خودڪشيون ڪيون. ڌاڙيلن معصوم ٻارن سميت نوجوانن کي اغوا ڪيو، جن مان ڪيترائي اڃا تائين بازياب نہ ٿي سگھيا آھن ۽ يرغمال آھن. ڪاروڪاري ۾ عورتون قتل ڪيون ويون. نياڻيون اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪيا ويا. زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو ويو. وزيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ وڏيرن پاڻي کي مخالف آبادگارن خلاف ھٿيار طور استعمال ڪيو. ڪا نئين انڊسٽري قائم نہ ٿي سگھي، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ ٻين وڏن شھرن جي لکين ايڪڙ زمين بلڊر مافيا کي ڏني وئي. ھٿرادو پاڻي کوٽ ڪري فصل سڪايا ويا. جيڪي فصل مارڪيٽ ۾ آيا، انھن جو ھٿرادو اگھ ڪيرايو ويو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌين کان حق حاڪميت کسڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني افغاني ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي تحفظ ڏنو ۽ جيڪو بہ ڪٿي صرف 6 مھينا اچي رھي تہ ان کي اتي جو ڊوميسائيل ڏيڻ جو بل اسيمبلي ۾ آندو. سنڌ ۾ مھا ٻوڏن سبب تباھ ٿيل لکين متاثرن کي ڪراچي ۾ رھائڻ ۽ روزگار ڏيڻ بدران انھن کي پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ ورھائڻ ۾ سھولتڪار ٿي. ھنن ٻٽو نظام آڻي سنڌ کي ورھايو. ھنن ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري ڪري سنڌ کي ڪاپاري نقصان ڏنو ۽ 8 ڪروڙ آبادي کي گھٽائي ساڍا 5 ڪروڙ 57 لک آبادي کي قبول ڪيو، سنڌ جي ثقافتي ورثي ڪارونجهر کي قتل ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا وفاق کي ڏنا ويا. ڪا نئين يونيورسٽي يا اسپتال قائم نہ ٿي سگھي. صحت، تعليم سميت مختلف شعبا ڪرپشن جو ڳڙھ بنجي ويا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن ڪردار کي رد ڪري. سنڌ کي ترقي يافتہ خوشحال ڏسڻ جا خواب ڏسندڙ ماڻھو ڪرپٽ نمائندن سان مقابلو ڪن. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جا آھن. اسين اھڙي سنڌ چاھيون ٿا جنھن ۾ برابري ھجي. عورت کي آزادي ھجي. نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا ھجن. اسپتالون ڪوس گھر بدران بھتر علاج جو مرڪز ھجن. ڌاڙيل راڄ بدران امن ھجي. جرڳن بدران قانون ۽ انصاف جي حڪمراني ھجي. ڪا به نياڻي اغوا ڪري ان جو زبردستي مذھب تبديل نہ ڪيو وڃي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي ۽ زمينون آباد ھجن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Ayaz
Latif Pallijo
0 تبصرے