English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تيل گئس ۽ ڪوئلي سان مالا مال سنڌ جو عوام غربت ۾ مبتلا آهي: محمد حسين محنتي
266 views
|
08th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پي ڊي ايم سرڪار ٻن ڏھاڙن ۾ 54 بل منظور ڪرائي آئين، قانون توڙي قوم سان مذاق ڪيو
شڪارپور(ڊ.ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ناني ويڙهو بدران سنڌ ۾ غيرجانبدار ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻھن تي ٻڌل نگران حڪومت جي گھر ڪندي چيو آھي تہ آدم گڻپ توڙي حدبندين کي جواز بڻائي چونڊن ۾ دير نہ بلڪہ آئين موجب بروقت يقيني بڻايو وڃي.انھي ۾ ئي ملڪ توڙي قوم جو مفاد آھي. تيل گئس ۽ ڪوئلي جھڙي قدرتي دولت سان مالا مال ھجڻ جي باوجود نا اھل قيادت ڪري سنڌ جو عوام گيس بجلي کا محروم، بک بدحالي، ننڌڻڪائپ توڙي بدامنيءَ جو شڪار آهي. اسلامي نظام ۽ ايماندار قيادت ئي ملڪ کي ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.اھڙن خيالن جو اظهار ھن شڪارپور ۾ ڏسٽرڪٽ بار کي خطاب دوران ڪيو.ان موقعي تي سابق صدر عبدالقادر ابڙو، ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ پڻ خطاب ڪيو، اڳوڻا صدر آغا ثناءُ الله دراني، نصيرالدين لوڌي سميت جماعتي اڳواڻ توڙي وڪيل وڏي تعداد ۾ موجود ھئا. بار جي طرفان آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پيش ڪيا ويا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ پي ڊي ايم سرڪار ويندي ويندي ٻن ڏھاڙن ۾ 54 بل منظور ڪرائي آئين، قانون توڙي قوم سان مذاق ۽ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ ثابت ڪيو. ملڪ ۾ جھنگ جو قانون سنڌ سموري بدامني جي باھ ۾ ٻري رهي آھي. پ پ گزريل 15 سالن کان اقتدار ۾ آھي پر سنڌ ساڳي سورن ۾ آھي. ڪراچي کان سواءِ لاڙڪاڻو، سکر ،نواب شاھ سميت سنڌ جا سمورا شھر کنڊرات، بدامني جو ڳڙھ ۽ انفراسٽرڪچر تباھ آھي. فراڊ مڪاني چونڊن وانگر آدم گڻپ ۾ بہ سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آھي جنھن ۾ پ پ سان گڏ اتحادي ايم ڪيو ايم بہ ٻٽ آھي.حڪمرانن توڙي اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل چالاڪين ڪري عوام جو جمھوريت ۽ اليڪشن تان اعتماد کڄندو ٿو وڃي. عدليہ جي آزادي قانون جي حڪمراني لاءِ وڪلاء برادري جو تاريخي ڪردار رھيو آھي. مسنگ پرسن توڙي انساني حقن جي ابتڙ ٿيندڙ قانون سازي خلاف بہ وڪيلن کي آواز اٿارڻ گھرجي. ھوڏانھن ھن شڪارپور ۾ الخدمت اسپتال جو دورو ڪري مختلف شعبن جو جائزو جڏھن تہ مدئجي جندو ديرو ۾ پڻ نوجوانن عورتن ۽ عھديدارن جي ميڙاڪن کي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا، ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي، محمود الاھي ھڪڙو، مفتي عبدالغفور سينھڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Jamait Islami
Muhammad Hussain Mahnti
PPP
Sindh
karachi
Shikarpur
election
PDM
0 تبصرے