English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تيل گئس ۽ ڪوئلي سان مالا مال سنڌ جو عوام غربت ۾ مبتلا آهي: محمد حسين محنتي
views
|
08th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پي ڊي ايم سرڪار ٻن ڏھاڙن ۾ 54 بل منظور ڪرائي آئين، قانون توڙي قوم سان مذاق ڪيو
شڪارپور(ڊ.ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ناني ويڙهو بدران سنڌ ۾ غيرجانبدار ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻھن تي ٻڌل نگران حڪومت جي گھر ڪندي چيو آھي تہ آدم گڻپ توڙي حدبندين کي جواز بڻائي چونڊن ۾ دير نہ بلڪہ آئين موجب بروقت يقيني بڻايو وڃي.انھي ۾ ئي ملڪ توڙي قوم جو مفاد آھي. تيل گئس ۽ ڪوئلي جھڙي قدرتي دولت سان مالا مال ھجڻ جي باوجود نا اھل قيادت ڪري سنڌ جو عوام گيس بجلي کا محروم، بک بدحالي، ننڌڻڪائپ توڙي بدامنيءَ جو شڪار آهي. اسلامي نظام ۽ ايماندار قيادت ئي ملڪ کي ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.اھڙن خيالن جو اظهار ھن شڪارپور ۾ ڏسٽرڪٽ بار کي خطاب دوران ڪيو.ان موقعي تي سابق صدر عبدالقادر ابڙو، ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ پڻ خطاب ڪيو، اڳوڻا صدر آغا ثناءُ الله دراني، نصيرالدين لوڌي سميت جماعتي اڳواڻ توڙي وڪيل وڏي تعداد ۾ موجود ھئا. بار جي طرفان آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پيش ڪيا ويا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ پي ڊي ايم سرڪار ويندي ويندي ٻن ڏھاڙن ۾ 54 بل منظور ڪرائي آئين، قانون توڙي قوم سان مذاق ۽ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ ثابت ڪيو. ملڪ ۾ جھنگ جو قانون سنڌ سموري بدامني جي باھ ۾ ٻري رهي آھي. پ پ گزريل 15 سالن کان اقتدار ۾ آھي پر سنڌ ساڳي سورن ۾ آھي. ڪراچي کان سواءِ لاڙڪاڻو، سکر ،نواب شاھ سميت سنڌ جا سمورا شھر کنڊرات، بدامني جو ڳڙھ ۽ انفراسٽرڪچر تباھ آھي. فراڊ مڪاني چونڊن وانگر آدم گڻپ ۾ بہ سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آھي جنھن ۾ پ پ سان گڏ اتحادي ايم ڪيو ايم بہ ٻٽ آھي.حڪمرانن توڙي اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل چالاڪين ڪري عوام جو جمھوريت ۽ اليڪشن تان اعتماد کڄندو ٿو وڃي. عدليہ جي آزادي قانون جي حڪمراني لاءِ وڪلاء برادري جو تاريخي ڪردار رھيو آھي. مسنگ پرسن توڙي انساني حقن جي ابتڙ ٿيندڙ قانون سازي خلاف بہ وڪيلن کي آواز اٿارڻ گھرجي. ھوڏانھن ھن شڪارپور ۾ الخدمت اسپتال جو دورو ڪري مختلف شعبن جو جائزو جڏھن تہ مدئجي جندو ديرو ۾ پڻ نوجوانن عورتن ۽ عھديدارن جي ميڙاڪن کي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا، ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي، محمود الاھي ھڪڙو، مفتي عبدالغفور سينھڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Jamait Islami
Muhammad Hussain Mahnti
PPP
Sindh
karachi
Shikarpur
election
PDM
0 تبصرے