English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي: اياز لطيف پليجو
216 views
|
20th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪمراني قانوني ۽ آئين جي رٽ کي ختم ڪري ڇڏيو آھي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي، سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. جاگيرداري، سرداري، وڏيرا شاھي سنڌ کي انساني حقن جي لتاڙ جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪمراني قانوني ۽ آئين جي رٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ايترو وڏو ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ جا مثال قائم ڪري ٿو. ھاري، مزدور ۽ اقليتي بنيادي انساني حقن کان محروم ڪيا ويا آھن. ھن اھڙو اظھار حيدرآباد پريس ڪلب ۾ لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ ملڪ کي انتھاپسندي جي باھ ۾ اڇلايو پيو وڃي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تين وال ڪرڻ جو ڪنھن کي به اختيار ناھي. سنڌي مارشل ريس ناھن، ھنن کي جھيڙن ۽ فسادن جي خبر ناھي. ڪارونجھر ۽ فاطمه جي قتل تي سنڌي سماج زبردست مزاحمتي ردعمل ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مرشد فراڊ آھن، ٺڳي آھن.. آدمشماري تي سنڌ گھربل احتجاج ۽ رد عمل نه ڏيکاريو. ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وحدت تي حملو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جو آئين سوچي سمجھي نہ ٺاھيو ويو. ڪيترائي مونجهارا موجود آھن. نوجوان ميرٽ ذريعي اڳتي اچن. ڪانفرنس کي امداد انڙ، وھاب منشي ۽ ٻين وڪيلن پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
QAT
Ayaz Latif
Palijo
Sindyani Tahreek
0 تبصرے