English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي: اياز لطيف پليجو
35 views
|
20th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪمراني قانوني ۽ آئين جي رٽ کي ختم ڪري ڇڏيو آھي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي، سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. جاگيرداري، سرداري، وڏيرا شاھي سنڌ کي انساني حقن جي لتاڙ جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪمراني قانوني ۽ آئين جي رٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ايترو وڏو ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ جا مثال قائم ڪري ٿو. ھاري، مزدور ۽ اقليتي بنيادي انساني حقن کان محروم ڪيا ويا آھن. ھن اھڙو اظھار حيدرآباد پريس ڪلب ۾ لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ ملڪ کي انتھاپسندي جي باھ ۾ اڇلايو پيو وڃي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تين وال ڪرڻ جو ڪنھن کي به اختيار ناھي. سنڌي مارشل ريس ناھن، ھنن کي جھيڙن ۽ فسادن جي خبر ناھي. ڪارونجھر ۽ فاطمه جي قتل تي سنڌي سماج زبردست مزاحمتي ردعمل ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مرشد فراڊ آھن، ٺڳي آھن.. آدمشماري تي سنڌ گھربل احتجاج ۽ رد عمل نه ڏيکاريو. ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وحدت تي حملو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جو آئين سوچي سمجھي نہ ٺاھيو ويو. ڪيترائي مونجهارا موجود آھن. نوجوان ميرٽ ذريعي اڳتي اچن. ڪانفرنس کي امداد انڙ، وھاب منشي ۽ ٻين وڪيلن پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
QAT
Ayaz Latif
Palijo
Sindyani Tahreek
0 تبصرے