English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مسوڀرڳڙي جي ڳوٺاڻن جو ڊي ايس پي ھٽڙي جي آفيس آڏو ڌرڻو
259 views
|
22nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ولي محمد خاصخيلي، مولي ڏنو خاصخيلي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران بدامني خلاف ڌرڻو ھنيو ويو
حيدرآباد(بيورو) مسوڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ ولي محمد خاصخيلي، مولي ڏنو خاصخيلي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين چورين جي آزار خلاف ڊي ايس پي ھٽڙي جي آفيس آڏو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، محب علي خاصخيلي، نادر علي، اقبال احمد، عطا محمد، شاھنواز خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ علائقي ۾ بدامني ۽ منشيات وڌي وئي آھي. روزانو چوريون ۽ ڦرون ٿي رھيون آھن. پوليس خاموش تماشائي بنيل آھي. جيڪڏھن بدامني تي ڪنٽرول نہ ٿيو تہ ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو. ھوڏانھن ڊي ايس پي شڪيل سولنگي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون. متاثر ڳوٺاڻن خاوند بخش خاصخيلي، عطا محمد ۽ شاھنواز خاصخيلي ڊي ايس پي کي ٻڌايو تہ 3 چور 21 آگسٽ جي رات جو گھرن ۾ گھڙي سندوقون چوري ڪري فصلن ۾ انھن جا تالا ٽوڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ڪپڙن جا جوڙا چوري ڪري ويا. ھر مھيني 4/5 چوري جون وارداتون پيش اچن ٿيون. ھٽڙي، ڇلگري ۽ ٻڍاڻي ٿاڻن جي پوليس رڳو اين سي داخل ڪري خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊي ايس پي شڪيل سولنگي ۽ ڇلگري ٿاڻي جي ايس ايچ او مھتاب کھاوڙ چيو تہ چورن کي بخش نہ ڪيو ويندو. چورن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏنو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Hyderabad
Maso Bhurgri
Villages
Police Prottest
0 تبصرے