English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائون معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪيون وڃن: طاهر علي ميمڻ
views
|
24th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي: ڊي سي سجاول
سجاول (رپورٽر) ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائون معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪيون وڃن. طاهر علي ميمڻ ,سجاول ضلعي کي ترقي جي سخت ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ چيو آهي ته ضلعي انتظاميه عوام جي ڀلائي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن کين جلد گهربل سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئل ۽ گيس فنڊنگ ۽ سالياني ترقياتي پروگرام تحت ضلعي ۾ ھلندڙ مختلف ترقياتي رٿائن جي دوري دوران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هلندڙ منصوبن جي سار سنڀال ۽ نگراني تمام ضروري آهي ته جيئن طئي ڪيو وڃي ته جن منصوبن لاءِ فنڊز جاري ڪيا ويا آهن انهن تي عملي طور ڪم ٿي رهيو آهي يا نه. هن چيو ته هلندڙ منصوبن جي ناقص ڪارڪردگي بابت انجنيئرن خلاف ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن، ترقياتي منصوبن جو ڪم ايترو سٺو ناهي جيترو ھئڻ گهرجي، ان ڪري هو پاڻ ضلعي جي هر منصوبي جو دورو ڪري جائزو وٺي رهيو آهي ته جيئن وڌيڪ کان وڌ منصوبا تيزيءَ سان مڪمل ڪري معياري ۽ بهتر ڪم کي به يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته سجاول ضلعي کي ترقي جي سخت ضرورت آهي، هتي آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ آفيسن سميت انفراسٽرڪچر جي کوٽ آهي، جڏهن ته هن سال وڌيڪ ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويندو ته جيئن هتي جا ماڻهو فائدو وٺي سگهن. هن چيو ته رولڙي جو شڪار منصوبن کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر تعلقي جاتي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ھمير اوٺو، تعلقي شاهه بندر ۾ گورنمينٽ بوائز ۽ گرلز سيڪنڊري اسڪول چوهڙ جمالي، اربن واٽر سپلاءِ اسڪيم چوهڙ جمالي ۽ رورل واٽر سپلاءِ اسڪيم شاهه يقيق ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي دورو ڪري معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هلندڙ منصوبن کي معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته ڪم جي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي انجنيئرن ھلندڙ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ سمورن منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ درگاهه شاهه يقيق تي حاضري ڀري دعا گهري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
30th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh
sajawal
DC
0 تبصرے