English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ پراونشل هاءِ ويز انجنيئر جي مبينا ڪرپشن خلاف ٺيڪيدار سراپا احتجاج
views
|
25th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
انجنيئر مسرور سولنگي ٺيڪا رشوت عيوض من پسند ماڻهن کي ڏنا آهن، جاچ ڪئي وڃي: فدا چانڊيو ۽ ٻيا
نوشهروفيروز ( نمائندو) پراونشل هاء ويز کاتي جي انجنيئر جي ٺيڪن ۾ من پسند ماڻهن تي خاص نوازش، ٺيڪيدار ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاج، انصاف جو مطالبو، تفصيلي خبر موجب نوشھروفيروز ۾ ٺيڪيدار ايسوسيئيشن پاران پراونشل ھاء ويز جي انجنيئر مسرور سولنگي جي ٽينڊرن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري من پسند ٺيڪيدارن کي نوازڻ خلاف فدا حسين چانڊيو، عمير خانزادي ۽ صابن جوڻيجي جي اڳوڻي ۾ ڊي سي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشھروفيروز ٻاھران احتجاجي ڌرڻي ۾ متاثر ٺيڪيدارن ۽ سوشل ورڪرز شرڪت ڪري پراونشل هاء ويز جي انجنيئر جي زيادتين خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙ ٺيڪيدارن چيو ته پراونشل هاء ويز کاتي جي انجنيئر مسرور سولنگي ٺيڪن ۾ مها ڪرپشن ڪري صرف پنهنجي من پسند ماڻهن کي نوازيو آهي، ميرٽ جي لتاڙ ٿيڻ سبب ڪيترائي اهل ٺيڪيدار قانوني حق کان محروم آهن، هنن نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ باقر نقوي کي اپيل ڪئي ته نوشهري فيروز ۾ مقرر ڪرپٽ پراونشل هاء ويز انجنيئر مسرور سولنگي خلاف انڪوائري ڪري ٺيڪا شفاف طريقيڪار تحت جاري ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
noshahroferoz
Prottest
Against
Corruption
pakistan sindh karachi
leak viral
0 تبصرے