English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڙني مسئلن کان نجات جو واحد حل ملڪ ۾ شفاف چونڊون آهن: محمد حسين محنتي
225 views
|
25th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
نگران سرڪار عوام مٿان مهانگائي جي بمباري ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم سرڪار کي به مات ڏئي ڇڏي
ڪراچي/ٺٽو (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته نگران سرڪار آءِ ايم ايف جي تعبداري ۽ عوام مٿان مهانگائي جي بمباري ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم سرڪار کي به مات ڏئي ڇڏي آهي، ڊالر جي اونچي اُڏام سميت اٽي، کنڊ، پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي عوام جي مشڪلات ۾ اضافو ۽ نگران حڪومت کان ڀلائي جي اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته ملڪ ۾ نگران حڪومت پاڪستان جي نه بلڪه سڌو سنئون آءِ ايم ايف پاران مسلط ڪئي وئي جيڪا ملڪ ۾ بهتري بدران وڌيڪ قرض وٺڻ ۽ آءِ ايم ايف جي اشارن تي عوام مٿان مهانگائي جا ڪوڙا وسائي پرڏيهي مالياتي ادارن جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ ۾ مصروف آهي، عالمي مالياتي ادارن سميت غيرن جي غلامي ۽ مڙني مسئلن کان نجات جو واحد حل ملڪ ۾ شفاف چونڊون، اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي، عوام هاڻي ڪرپشن فري ۽ اسلامي توڙي خوشحال پاڪستان لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سجاول ۽ گهارو ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو، ضلعي امير الطاف احمد ملاح سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماڻهو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کان سخت پريشان ۽ ڳرا بجلي بل ادا ڪرڻ لاءِ گهر جو سامان وڪڻي رهيا آهن يا وري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، پر ظالم حڪمرانن ۽ ڪرپٽ اشرافيه جي ڪن تي جونُ به نٿي سُري، ڪير مري يا جيئي کين آءِ ايم ايف جي غلامي ۽ پنهنجي عياشين سان غرض آهي، سنڌ صوبو ڪرپشن، بدامني ۽ پنهنجا نوازي ۾ سڀ کان اڳتي آهي، هتي نه ڪنهن شهري جي جان، مال ۽ نه ئي عزت محفوط آهي، فاطمه ڦُرڙو سميت معصوم ٻارن سان ٿيندڙ درندجي جا واقعا قابل مذمت ۽ امن، رواداري ۽ باب الاسلام سنڌ جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي سازشن جو حصو آهن، راڻي پور واقعي نه رڳو سنڌ بلڪه پوري انسانيت جو سَر شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي، فامطه جي قاتل ۽ سهولتڪارن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تائين جماعت اسلامي جي جدوجهد جاري رهندي..#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Fatima
Muhammad Hussain Mahnti
Jamait islami
0 تبصرے