English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ حيدرآباد پاران سول اسپتال نوشهروفيروز جو دورو
views
|
03rd Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر عارف احمد سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو سان گڏ مختلف وارڊن جو دورو ڪيو
نوشھروفيروز(ڊر) ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ حيدرآباد ڊاڪٽر عارف احمد جو سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو سان گڏ موڪل واري ڏينهن سول اسپتال نوشھرو فيروز جو اچانڪ دورو ڪري ايمرجنسي،دل جي وارڊ،ٻارن جي وارڊ ۽ ليبر روم جو تفصيلي دورو ڪري صفائي سٿرائي، مريضن کي ملندڙ سهولتن ۽ اسٽاف جي حاضري چيڪ ڪئي۔ ان موقعي تي ADHO ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ۽ ڊاڪٽر حاڪم علي جوکيو ساڻس گڏ هئا۔ دوري دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي سنڌ جي خاص هدايتن تي سول اسپتال جو دورو ڪري رهيا آھيون ته جيئن مريضن کي صحت جون وڌ کان وڌ سهولتون ملي سگهجن۔ نوشھروفيروز جي سول اسپتال ۾ موڪل واري ڏينهن ۾ ڊاڪٽرن توڙي اسٽاف سميت مريضن کي ملندڙ ايمرجنسي دوائون ڏسي بيحد خوشي ٿي رهي آھي جيڪڏهن سموري سنڌ جون اسپتالون ائين زميواريء سان ڪم ڪن ته غريب مريضن کي سموريون سهولتون ملي سگهن ٿيون۔ هن چيو ته هن وقت اسپتالن اندر مليريا ۽ گيسٽرو جي مريضن جي تمام گهڻي رش آھي۔ جنهن کي منهن ڏيڻ لاء صحت کاتو ڀرپور ڪم ڪري رهيو آھي ان سلسلي ۾ سڀاڻي(اڄ) سومر ڏينهن سول اسپتال ۾ DHO نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسد ڪلهوڙو جي تعاون سان مفت ڪئمپ لڳرائي رهيا آھيون جنهن ۾ مليريا جون ٽيسٽون ڪري مفت دوائون ڏنيون وينديون عوام کي هن ڪئمپ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
naushahroferoz
noshahroferoz
DDG Health Hyderabad
0 تبصرے