English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ايڪسائيز کاتي کي گاڏين جون نمبر پليٽون جاري ڪرڻ ۾ تيزي ڏيکارڻ جي هدايت
77 views
|
05th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
گاڏين جي نمبر پليٽن واري طريقيڪار بهتر بڻايو وڃي ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪن: محتسب اعليٰ سنڌ جا حڪم
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) محتسب اعليٰ سنڌ اعجاز علي خان ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي حڪم جاري ڪندي چيو ته گاڏين جي نمبر پليٽن جي فوري جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ گهربل طريقيڪار اختيار ڪيا وڃن. مٿي ڄاڻايل حڪمن تحت محتسب اعليٰ سنڌ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي سيڪريٽري کي 3 لک کان وڌيڪ گاڏين جي نمبر پليٽس جاري نه ڪرڻ تي پاڻمرادو نوٽيس جي ڪارروائي جي دوران جاري ڪيا. سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو سنڌ عاطف الرحمان محتسب اعليٰ سنڌ کي پيش ڪيل پنهنجي پريزنٽيشن ۾ جاري نه ٿيل نمبر پليٽس جي پوئتي پيل سببن ۽ صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي. محتسب اعليٰ سنڌ سيڪريٽري ايڪسائيز کي حڪم جاري ڪندي چيو ته مالڪن کي پوسٽ ذريعي نمبر پليٽ فراهم ڪرڻ جي فزيبلٽي جو جائزو وٺن ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. محتسب اعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته ته بائيو ميٽرڪ ۽ لاڳاپيل سهولتن لاءِ سسٽم کي نادرا سان گڏ ملائڻ تي وڌيڪ غور ڪيو وڃي، محتسب اعليٰ سنڌ وڌيڪ هدايتون ڪيون ته مختلف جڳهن تي ڊيسڪ/ون ونڊو آپريشن جو جائزو پڻ وٺن. جنهن ۾ رجسٽرڊ موٽر ڊيلرز به شامل آهن ته جيئن شڪايتن جو ازالو ڪري انهن کي سسٽم ۾ آڻي سگهجي ۽ کاتو انهن مسئلن تي هڪ مهيني ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪن.ان موقعي تي ناظم حاجي (باني ۽ چيئرمين سي پي ايل سي) گڏيل عرب امارات سان زوم اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪئي ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
karachi
department
technician
excise
0 تبصرے