English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي صحت کاتي ۾ ڪرپشن جو انڪشاف
views
|
07th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
مھارا وڪڻڻ جي الزام ھيٺ آيل عورت سپروائيزر اِقبال ڀُٽو خلاف 3 رڪني جاچ ڪميٽي قائم
قمبر (ڊ ر) قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي صحت کاتي ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آھي، ذريعن جو چوڻ آھي تھ دوائن بعد غريبن مسڪينن ۽ ڳورھاري عورتن ۾ تقسيم ڪرڻ لاء آيل مھارا (مڇر دانيون) کين ڏيڻ بجاء پيسن عيوض وڪرو ڪيا ويا آھن، ذريعن موجب مھارا وڪرو ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل عورت سپروائيزر اِقبال ڀُٽو خلاف ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي تنيو پاران ٽي رُڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي ان ڏس ۾ ضلعي صحت آفيس طرفان ليڊي ھيلٿ سپروائزرن کي غريب مسڪين عورتن ۾ ورھائڻ لاء ڏنل مھارا ھڪ سپروائيزر عورت ۽ سندس پٽ پيسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيا جڏھن ته گذريل ھفتي صحت کاتي قمبر شھدادڪوٽ پاران مليريا جي مريضن جي علاج لاء ٻاھرين ملڪ کان آيل سرڪاري ٽڪيون پريماڪوئين خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ جو اسڪينڊل ظاھر ٿيو ھيو ۽ ھلندڙ ھفتي ۾ ئي وري مليريا کان بچاء لاء سرڪاري مھارا غريبن مسڪينن حاملا عورتن ۽ ٻارڙن کي گھر گھر ۾ مفت ورھائڻ خاطر ليڊي ھليٿ سپروائيزرن جي حوالي ڪيا ويا ھيا اھي سرڪاري مھارا ھزارن جي تعداد ۾ ھڪ ليڊي ھيلٿ سپروائيزر پاران قمبر ۾ مقامي ھيروئنيءَ کي شھر ۾ وڪرو ڪندي کيس ھڪ شھري سڳ سميت پڪڙي ورتو مھارا وڪرو ڪندڙ مواليءَ کان پڇاڻو ڪيو ويو تہ ھُن اھي سرڪاري مھارا ڪٿان آندا آھن ته مھارا وڪرو ڪندڙ انڪُوائري ھيٺ آيل ليڊي سپروائيزر اِقبال ڀُٽو جي در تي بيھاريو اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد مھارا پيسن عيوض وڪرو ڪرڻ واري معاملي جو ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي تنيو پاران نوٽيس وٺي الزام ھيٺ آيل ليڊي ھيلٿ سپروائيزر خلاف ڊاڪٽر شاھنواز جتوئي ليڊي ڊاڪٽر شازيا پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر خُرم حسين تي مشتمل ٽي رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي جڏھن ته مھارا پيسن عيوض وڪرو ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل ليڊي ھليٿ سپروائيزر اِقبال ڀٽو کي وضاحت پيش ڪرڻ لاء ليٽر پڻ لکيو ويو آھي جنھنجي جاچ ڪئي ويندي جڏھن ته اھڙي پيش آيل معاملي بعد ضلعي صحت آفيسر پاران سڀني ليڊي ھيلٿ سپروائيزس کي پڻ مھارا ورھائڻ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي ۽ لکيل ليٽر ۾ ھُن پاران چيو ويو آھي ته جيڪڏھن رڪارڊ صحيح نه ھُوندو ته ان ليڊي ھيلٿ سپروائيزر کي ڊي جي ھيلٿ آفيس حيدرآباد رليو ڪيو ويندو جڏھن ته ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي سڄاڻ ماڻھن مھارا غريبن مسڪينن ۽ ڳورھاري عورتن ۾ ورھائڻ بدران وڪرو ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته مڇرن جو آزار تمام گھڻو وڌي ويو آھي مڇرن سبب سموري ضلعي ۾ مليريا جا ھزارين ڪيس ظاھر ٿيا آھن پر ھتي مليريا کان بچاءُ جون دوائون ۽ مھارا غريبن مسڪينن ۾ ورھائڻ بدران پيسن عيوض وڪرو ڪيا وڃن ٿا جيڪو ھرگز برداشت ڪرڻ جوڳو عمل نه آھي ھُنن مطالبو ڪيو ته مھارا وڪرو ڪندڙ عورت خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جڏھن ته ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته آھي مھارا ۽ دوائون وڪرو ڪرڻ واري اسڪينڊل کي بہ ٻئي ڪرپشن وانگر اتي ئي دفن ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
hospital
shahdadkot
qambar
0 تبصرے