English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ مختلف تنظيمن پاران دفاع جي ڏھاڙي تي ريليون ۽ تقريبون منعقد
31 views
|
06th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
مختلف اسڪولن ۾ سيمينار منعقد ڪري پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
سجاول(گلشيرميربحر) 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي ملڪ جي ٻين شهرن جيان سجاول ۾ به مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڊيوويون آھن ۽ مختلف اسڪولن ۾ سيمينار منعقد ڪري پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي سجاول ضلعي۾ مرڪزي تقريب بوائز ھاء اسڪول سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ استادن شاگردن ،شھرين، واپارين ،۽ پاڪ فوج جي جوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي خبر موجب:پوري ملڪ جيان سجاول ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع جو ڏھاڙو وڏي جوش و جذبي سان ملهايو ويو جنھن ۾ مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڊي پاڪ فوج زنده باد جا نعره ھنيا ويا ۽ مختلف اسڪولن ۾ تقريبون منعقد ڪري پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي مرڪزي تقريب گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ استادن ، پاڪ آرمي جي جوانن ،سول سوسائٽي، مذهبي جماعتن ،معززين ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيد فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعره هنيا. يوم دفاع جي تقريب ۾ پاڪ فوج جي ڪيپٽن اويس پاڪ فوج جي جوانن سميت خصوصي طور شرڪت ڪئي يوم دفاع جي تقريب جي موقعي تي تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي بوائز ھاء اسڪول جي ھيڊ ماستر طفيل احمد ٽيمڙو، شڪيل ڀان،خالد کٽي،آصم رشيد،عبدالرشيد پنھور،ڏيوو چارڻ،واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نياز ميمڻ،حاجي اسلم ميمڻ،۽ ٻين چيو تہ اڄوڪو ڏينھن اسان لاءِ تاريخي ڏينهن آھي ، ان ڏينھن تي اسان جي فوج توڙي عوام جانين جا نذرانا ڏيئي دشمن ملڪ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو ھو، پاڪ فوج جي ڏنل قربانين جو نتيجو آھي جو اڄ اسان پنھنجي ملڪ ۾ آزاد ۽ سٺي زندگي گذاري رھيا آھيون. اسين پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا. تقريب ۾ آيل مھمانن کي اجرڪون اوڌايون ويون ۽ ٻارڙن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا آخر ۾ ملڪ عظيم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh Sajwal
September
defiance day
0 تبصرے