English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس جي ڪاھھ دھشتگردي قرار
228 views
|
06th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ڌرڻي مان درجنين ماڻھو کنڀي گم ڪيا ويا، اھڙي عمل جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آَھي:پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي پرامن احتجاجي ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻھن جي خوني حملي جي شديد مذمت ڪندي ان کي دھشتگردي قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ معصوم پريا ڪماري، ساگر ڪمار، نازيه کوسو سميت اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻھن خنجرن ۽ لٺين سان حملو ڪري شعيب ڊومڪي، الطاف شيخ، رحمت الله ڇڄڻ، عاقب محمداڻي، اويز بجاراڻي سميت. قومي عوامي تحريڪ جا 25 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ۽ درجنين کنبي گم ڪري ڇڏيا آھن، اھڙو عمل ڪنھن بہ ريت برداشت نٿو ڪري سگھجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس تشدد ڪري ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين کي ميسيج ڏنو آھي تہ اھا سندن سھولتڪار آھي. اھا ظلم ۽ دھشتگردي جي پاسي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھي آھي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي رستا محفوظ ناھن. معصوم ٻاع، نياڻيون ۽ نوجوان اغوا ڪري تشدد ۽ زيادتين بعد وڊيو رڪارڊ ڪري وحشت ۽ درندگي وارا وائرل ڪيا وڃن ٿا. شھر ۽ ڳوٺ منشيات جو ڳڙھ بنجي چڪا آھن. پوليس، قانون ۽ انصاف نالي ڪا شئي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪومت سنڌ ۾ ڌاڙيلن، سردارن، ڏوھارين کي مضبوط ڪيو، موجوده نگران حڪومت آصف زرداري جي مرضي جي حڪومت آھي، پ پ حڪومت جو تسلسل آھي، جنھنڪري سنڌ ڌڙيل گردي جو شڪار آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پرامن ڌرڻي تي دھشتگرد حملي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ پارٽي ساٿين سان صلاح مصلحت ڪري لائحه عمل جوڙيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Ayaz
latif
palijo
Hyderabad
kandhkot
0 تبصرے