English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ سوين ھارين ۽ نارين جو ماحولياتي انصاف مارچ,سڄي شھر جو گشت
views
|
15th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
امير ملڪن کان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ پاڪستان سميت غريب ملڪن جي ازالي جو مطالبو
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ سوين ھارين ۽ نارين جو ماحولياتي انصاف مارچ,سڄي شھر جو گشت,پريس ڪلب اڳيان وڏو احتجاج ڪيو ويو،نعرا,امير ملڪن کان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ پاڪستان سميت غريب ملڪن جي تلافي جو مطالبو ڪيو ويو,ھارين جي حقن خاطر جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان,رپورٽ موجب:ھاري جدوجھد ڪميٽي,پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي ۽ پاڪستان ريلوي ورڪرز يونين جي سڏ تي گذريل ڏينهن شڪارپور ۾ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق,سيم رائو,مجيب پيرزادو,شائسته بلوچ,سيد عبدالقادر شاه امروٽي,نعيم ٻرڙو,گلزار کوسو,علي کوسو,رفعت مقصود,ضيغم عباس,صائمه ضياء,عاشق ڊومڪي ۽ بين جي اڳواڻي ۾ سوين ھارين ۽ نارين پاران جھاز چوڪ کان ھڪ وڏو ماحولياتي انصاف مارچ ڪيو جيڪو شھر جو گشت ڪرڻ بعد شڪارپور پريس ڪلب پھتو جتي شريڪ سوين ماڻهن نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته دنيا جا امير ملڪ پاڪستان پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد جا واعدا فوري طور پورا ڪن ۽ سنڌ حڪومت ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرن سميت سمورن بي زمين هارين ۽ ننڍن زميندارن کي معاوضو ڏئي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ 75 هزار رپين بدران گهٽ ۾ گهٽ ڏھ لک في گهر لاء ڏنا وڃن،ھنن چيو ته فوسل فيول مان بجلي جي پيداوار بند ڪئي وڃي ۽ بجلي بحران کي حل ڪرڻ لاء هر گهر کي سولر پينل لڳائڻ لاءِ 5 لک رپيا ڏنا وڃن,ھنن چيو ته امير ملڪ پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏن ۽ برساتن سبب ٿيل تباهي عالمي سطح تي افسوسناڪ آهي تنهن ڪري دنيا جا امير ملڪ سي او پي 27 ۾ ٿيل معاهدي موجب پاڪستان کي فوري طور تي 10 ارب ڊالر ادا ڪن ۽ پاڪستاني حڪومت ان رقم سان سمورن ٻوڏ متاثرن جي فوري بحالي لاءِ قدم کڻي,ھنن چيو ته سنڌ ۾ بي زمين هارين کي معاوضي واري لسٽ مان ڪڍڻ سراسر ناانصافي ۽ استحصال آهي تنهن ڪري هارين جي نقصان جو فوري ازالو ڪيو وڃي،هنن چيو ته رڪ پمپنگ اسٽيشن ڳڙهي ياسين کي فوري طور تي 24 ڪلاڪ هلائڻ شروع ڪري اتان جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي ۽ بي زمين هارين ۾ مفت زمينون ورهايون وڃن،ھنن چيو ته شڪارپور ۾ ريلي ڪڍي ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪرڻ آيا آهيون ته اسان جي نقصان جو فوري طور تي تلافي ڪئي وڃي,سندن چوڻ ھو ته پورهيت عوام کي منظم ڪري جاگيرداري نظام جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو ڇو ته سنڌ جا ٻوڏ متاثر اڄ به ڪئمپن ۾ آهن پر حڪومت انهن کي گهر ٺاهڻ بدران صرف قسطن ۾ ٽي لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته هن مهانگائي جي دور ۾ ٽن لکن ۾ حڪومت جي اسٽيمينٽ تي ھڪ ڪمرو ٺاھڻ به ناممڪن ناهي آهي،اڳواڻن چيو آهي ته ماحولياتي انصاف هڪ بنيادي انساني حق آهي ۽ ان نقطه نظر کان گذريل صديءَ جي صنعتي ترقي ۽ سرمائيداري مان واضح ٿئي ٿو ته امير ملڪ خاص طور تي اتر آمريڪا ۽ يورپ بنيادي انساني حقن کي وڏي دولت ۽ ترقي جي تعاقب ۾ پامال ڪيو ويو آهي,ھنن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي تباهي جا ذميوار امير ملڪ آهن پر افسوس ته ان تباهي جو شڪار غريب ملڪن جا غريب ماڻهوَ ٿيا آهن تنهن ڪري امير ملڪن جي اها ذميواري آهي ته هو غريب ملڪن کي ماحولياتي تباهي سبب ٿيندڙ نقصانن جي تلافي ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh
Shikarpur
hari nari
0 تبصرے