English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو جوائننگ آرڊر نھ ملڻ خلاف احتجاج
55 views
|
17th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود ھن وقت تائين آفر آرڊر ناھن ڏنا ويا، پريشاني جي ور چڙھيل آھيون: اميدوار
نوشھروفيروز ( ڊ ر) آئي بي اي ٽيسٽ پاس PST ۽ JEST اميدوارن پاران جوائننگ آرڊر نه ملڻ ۽ هلندڙ پراسيس کي فريز ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري ۾ مورو۔ مٺياڻي۔ نوشھروفيروز سميت سڀني تعلقن سان تعلق رکندڙ اميدوارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي سيد وسيم شاه۔ آصف رند۔ دلمراد جتوئي۔ امتياز سولنگي۔ عرفان چوهاڻ۔ نجيب الله سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪري آفر آرڊر حاصل ڪيو آهي پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود اسان کي جوائننگ نه پئي ڏني وڃي جيڪا اميدوارن سان وڏي ناانصافي آھي۔ هنن چيو ته سنڌ حڪومت ھلندڙ پراسس تي پابندي ھڻي سنڌ جي نوجوانن سان ظلم ڪيو آھي. ڪيترائي نوجوان جوائننگ آرڊر نه ملڻ ڪري ذهني مريض بڻجي چڪا آهن ته ڪيترائي اميدوار بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن۔ مظاهرين جي وڌيڪ چوڻ هو ته هي ڪا سياسي ۽ سفارشي ڀرتي ناهي جو ان تي پابندي لڳائي وڃي اسان ڏينهن رات محنت ڪري ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪئي آھي نج ميرٽ تي هلندڙ پراسيس کي فريز ڪرڻ ڪاٿان جو انصاف آهي۔ اڳواڻن نگران حڪومت سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تي فوري طور ٽيسٽ پاس اميدوارن کي جوائننگ آرڊر ڏئي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي تان ھلندڙ پابندي ھٽائي وڃي ۽ نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Noshahroeroz
Protest
noshahroferoz
0 تبصرے