English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران مڪلي کان ٺٽي تائين مارچ ۽ ڌرڻو
184 views
|
17th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي زمينن تي والار، ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري خلاف ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو( ڊر ) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن، پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن، وسيلن جي نيلامي، ڦر لٽ، مھانگائي، رياستي سردارن جي سرپرستي ۾ قائم ٿيل ڌاڙيل راڄ ۽ غير قانوني ڊجيٽل آدمشماري خلاف ھڪ احتجاجي وڏي ريلي پبلڪ پارڪ مڪلي کان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن لال جروار، سلمي لاشاري، نور احمد ڪاتيار، ڏاڏا قادر رانٽو، شاھ محمد چانگ، مٺا خان لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، جيڪا مڪلي کان ٿيندي ٺٽي شهر پھتي، جتي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جيڪا ريلي ھڪ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي، جنھن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار. مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، گهنور خان زئور، شاھ محمد چانگ، مٺا خان لاشاري، سلميٰ لاشاري، انور پالاري ۽ ٻين چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جو گهيراءِ ڪيو ويو آهي، جهمپير، ڪينجهر، ڪوهستان، هاليجي تي قبضا ڪيا ويا آهن. هڪ طرف ڌارين کي هڪ رٿابندي تحت زمينون ڏيئي آباد ڪيو پيو وڃي تہ ٻئي طرف زرعي انقلاب جي نالي ۾ 13 لک ايڪڙ زمين ٻين ملڪن کي ڏني ويئي آهي. حڪمرانن ملڪ ۾ معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاء ملڪ جا قومي ادارا ۽ زمينون ٻين ڪمپنين ۽ ملڪن کي وڪرو ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ڀھاني ملڪ کي آء ايم ايف وٽ گروي ڪري مھنگائي جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي، ٺٽي جي پڇڙي وارن علائقن ڳاڙهو، ميرپور ساڪرو، ور، غلام الله، جنگي سر ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي ناهي، آبادگارن قرض کڻي ساريون پوکيون آهن، اهي سڪي سڙي تباھ ٿي ويون آهن. ھنن چيو تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني بدران ڌاڙيلن، سردارن ۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ وارو نظام آهي. سردارن جا پاليل ڌاڙيل سري عام ماڻهو اغوا ڪري وڃن ٿا، انهن کي ڪابه رڪاوٽ ناهي. ڀنگ جا پئسا سردار، پوليس ۽ ڌاڙيل پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري کڻن ٿا. هنن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو آهي جيڪو ملڪي مفادن کي ناقابل تلافي نقصان پھچائيندو. ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
awami tahreek
sindyani tahreek
sindhyani
0 تبصرے