English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ گندگي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي اُٿلڻ خلاف احتجاج
229 views
|
20th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
يونس راڄپر، خادم سيال، ضمير لنڊ، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ۽ ٻين احتجاج ڪيو
نوشهرو فيروز(ڊ ر) نوشهرو فیروز ۾ گندگي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي اُٿلڻ خلاف میونسپل ۽ پبلڪ ھیلٿ انتظاميه خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي یونس راڄپر، خادم سیال، ضمير لنڊ، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، خالد چانڊیو، اقبال راڄپر، آصف حسیني، گل بهار مري، عتیق وسطڙو، مهر وسطڙو، شاھد کوکر ۽ ٻين چيو ته ڪروڙین روپیا ڪوڙن بلن ذريعي خرچ ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا پر شهر تي ڪنهن جو توجهه ناهي. نوشهرو فيروز ۾ گندگي ۽ گندي پاڻي جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هنن چيو ته شهر کي تباهه ڪندڙ ميونسپل آفيسر وليد شورو، اڪائونٽس ۽ آڊٽ وارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪي چونڊيل نمائندن کان به طاقتور آھن. هنن نئون ڊرينيج سسٽم، رينچ مشين ڏيڻ ۽ ملازمن جو ويزا سسٽم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته اصل ۾ نوشهرو فيروز شهر انتظامي نا اهلي سبب ٻيهر گٽرن جي گندگي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آھي. سول اسپتال روڊ، گرلس هاءِ اسڪول، ججن جي رهائشي بنگلن، رابعه سينٽر سامهون استعيفيٰ ڏيندڙ ميونسپل چيئرمين پير قربان جي بنگلي ڏانهن ويندڙ روڊ سميت شهر اڪثر روڊ ۽ رستا گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھن. سالن کان ڊرينيج سسٽم خراب هجڻ سان گڏوگڏ بلدياتي ملازمن جون بلاجواز پگهارون ڪٽڻ تي شهرين جو چوڻ آھي ته شهر کي ٻوڙڻ ۽ ماڻهن کي گهرن ۾ بند ڪرڻ جو ذميوار ٽرانزڪشن آفيسر وليد شورو آھي جنهن ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ کي ايترو ٻهاريو آھي ۽ کيس ايترو آشيرواد حاصل آھي جو سندس شڪايت ميونسپل چيئرمين پير قربان علي لوڪل گورنمينٽ جي اعليٰ اختيارين سميت پي پي قيادت کي ڏني پر وس نه هلڻ تي هن چيئرميني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هنن چيو ته مس مس گذريل برسات جو پاڻي سُڪو هو ۽ هونئن ئي ننڍيون گهٽيون اڪثر گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏل نظر اچن پر ٻيهر مئن روڊ رستا ٻوڙايا ويا آھن جنهن تي ملوث ماڻهن ۽ لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته شهر جا روڊ رستا جيڪي اسڪولن ۽ اسپتال وڃن ٿا انهن تي گندو پاڻي هلي پيو هر طرف پاڻي جا تلاءَ بيٺا آھن ۽ ڪرپٽ آفيسر توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آھن. ماهوار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن ۽ ويزا سسٽم تي وائيٽ ڪالر سوئيپر ۽ ڪلرڪ گهر ويٺي پگهارون کڻن پيا انهن کان به منٿليون اوڳاڙيون وڃن ٿيون هنن ڪرپٽ عملدارن خلاف سخت ڪاروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
noshahroferoz
0 تبصرے