English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڳڻ ۽ ڀرپاسي چوپايو مال گھوگھي ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا
views
|
21st Sep 2023
•
سنڌي خبرون
مختلف ڳوٺن ۾ 300 کان وڌيڪ جانورن کي گھوگھي ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسين ڪئي وئي
وڳڻ(رپورٽر) لائيو اسٽاڪ کاتي پاران وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ چوپائي مال کي گھوگھي بيماري کان بچاءَ لاءِ ٽيمون موڪلي جانورن ۾ ٽڪا لڳايا ويا 300 کان وڌيڪ جانورن کي ويڪسين ڪئي وئي ان ڏس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر حبيب الله انصاري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذوالفقار شيخ جي خاص ھدايتن تي وٽرنري اسپتال تعلقي نصيرآباد جي انچارجڊاڪٽر اعجاز جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ٿرڙي ھاشم جاڙا واھوچا چئوديرو دوست محمد لنجواڻي ڳوٺ ۾ پھچي 300 کان وڌيڪ جانورن کي گھوگھي ۽ مختلف بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسين ڪئي وئي ۽ مالوندن کي گھوگھي بيماري جي بچاءّ جا اپاءّ ٻڌايا ويا ان حوالي سان لائيو اسٽاڪ کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر حبيب الله انصاري ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذوالفقار شيخ نصيرآباد تعلقي جي انچارج ڊاڪٽر اعجاز علي جوڻيجي محمد روشن سوھُو محمد عثمان ۽ روشن علي ڪانڌڙو ٻڌايو ته موسمي ڦيرگير سبب چوپائي مال ۾ گھوگھي جي بيماري فھلجڻ جو انديشو آھي ۽ اھڙا ڪجھ ڪيس رپورٽ پڻ ٿيا آھن جنھن ۾ جانورن کي گھوگھي بيماري جي تصديق ٿي آھي ان بيماري تي ضابطي لاءّ لائيو اسٽاڪ کاتي قمبر فورن نوٽيس ورتو آھي ۽ نشاندھي ڪيل علائقن ۾ وٽرنري ٽيمون موڪلي ڇڏيون آھن ان سلسلي ۾ وڳڻ ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ 300 بيمار ڍورن ۾ بيمارين جون علامتون ظاھر ٿيڻ تي بچاءّ جا ٽڪا لڳايا ويا آھن ۽ ڀاڳين کي بيمارين بچاءّ جون تدبيرون پڻ ٻڌايون ويون آھن جنھن ۾ بيمار ڍورن ۾ وچڙندڙ بيمارين جي صورت ۾ بيمار ڍور کي الڳ ڪيو وڃي جيئن ٻيا جانور گھوگھي سميت ٻئي بيمارين جو شڪار نه ٿين علائقي جي ڀاڳين کي هدايت پڻ ڪئي آھي ته جانور بيمار هجڻ جي صورت ۾ کين فوري طور ڄاڻ ڏني وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
wagan
وڳڻ
لائيو اسٽاڪ کاتي
0 تبصرے