English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻو ڊويزن باڊي بلڊنگ ايسوسيئيشن جون سالياني چونڊون شڪارپور ۾ ٿيون
31 views
|
07th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
زمان اللھ ڀٽو صدر، عبدالوھاب ڪاغذي جنرل سيڪريٽري، استاد عبدالوھاب شيخ جيڪب آباد لاءِ نائب صدر مقرر
شڪارپور ( احسان ابڙو ) لاڙڪاڻو ڊويزن باڊي بلڊنگ ايسوسيئيشن جون سالياني اليڪشن سال 2023 شڪارپور اسڪائوٽ ھيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي گذريون. تفصيل موجب لاڙڪاڻو ڊويزن باڊي بلڊنگ ايسوسيئيشن جون چونڊون 06 آڪٽوبر 2023 تي شڪارپور ڊويزنل اسڪائوٽ ھيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ٿيون، جنهن ۾ ڊويزن جي سمورن ضلعن لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي باڊي بلڊنگ ايسوسيئيشن اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنھن دوران آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرايون ويون جنھن ۾ آزاد مبصرن، سينيئر استادن ۽ رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي جنھن کان پوءِ ھيٺيان عھديدار لاڙڪاڻي ڊويزن لاءِ چونڊيا ويا. 1. لاڙڪاڻو ڊويزن لاءِ صدر زمان الله ڀٽو.(تعلق لاڙڪاڻو) 2. لاڙڪاڻو ڊويزن جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ استاد عبدالوهاب ڪاغذي(تعلق شڪارپور) 3. استاد عبدالوهاب شيخ جيڪب آباد سينيئر نائب صدر 1 4. صابر حسين لاڙڪاڻو سينيئر نائب صدر 5. ناصر علي بروهي ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور سينيئر نائب صدر 6. آغا زيد خان پٺاڻ شڪارپور نائب صدر 7. ساجد علي شاهہ لکي غلام شاھ نائب صدر 8. ڪليم الله شيخ ڪنڌڪوٽ ڪشمور نائب صدر 9. آزاد علي قمبر شهداد ڪوٽ جوائنٽ سيڪريٽري 10. شفيق علي ڀٽو خزانچي شڪارپور 11. سلامت علي ابڙو لاڙڪاڻو پريس سيڪريٽري 12. زاهد علي جيڪب آباد آفيس سيڪريٽريءَ کي منتخب ڪيو ويو ان موقعي تي لاڙڪاڻو ڊويزن لاءِ چونڊيل صدر ضامن الله ڀٽو ۽ جنرل سيڪريٽري لاڙڪاڻو ڊويزن استاد عبدالوهاب ڪاغذي خطاب ڪندي چيو ت ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميا پاران نوجوانن لاءِ صحتمند سرگرميون منعقد ڪرائڻ ۾ ناڪامي سبب راندين جي نوجوان جا سماجي براين ۽ ٻين غير صحتمند سرگرمين طرف راغب ٿين ٿا. انشاءَ الله باڊي بلڊنگ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو ڊويزن اوھان سڀني جي سهڪار سان ڊويزن ۽ ضلعي جي نوجوانن لاءِ صحت مند سرگرمين جا پروگرام ۽ مقابلا منعقد ڪندي.جنهن ۾ نوجوانن لاءِ باڊي بلڊنگ، مين فٽنيس ۽ ٻيون انڊور گيمز جا مقابلا ڪرايا ويندا. صحتمند رانديگر قوم جو سرمايو آهن، نوجوانن کي مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
باڊي بلڊنگ
ايسوسيئيشن
سالياني اليڪشن
0 تبصرے